راولپنڊي- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ختلاف بجاءِ بحث، طاقت بدران انصاف ۽ ذاتي مفادن بدران اجتماعي ڀلائيءَ جو درس ڏئي ٿو. عيدگاهه شريف راولپنڊيءَ ۾ رٿيل سالياني عرس جي بابرڪت تقريب ۾ هن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مريدن، عالم سڳورن، مشائخن ۽ معزز شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سيرت نبويﷺ ۽ اولياءِ ڪرام جي تعليم کي موجوده دؤر …
اسلام اختلاف بجاءِ بحث، طاقت بدران انصاف ۽ ذاتي مفادن بدران اجتماعي ڀلائيءَ جو درس ڏئي ٿو: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
راولپنڊي- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ختلاف بجاءِ بحث، طاقت بدران انصاف ۽ ذاتي مفادن بدران اجتماعي ڀلائيءَ جو درس ڏئي ٿو. عيدگاهه شريف راولپنڊيءَ ۾ رٿيل سالياني عرس جي بابرڪت تقريب ۾ هن خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ مريدن، عالم سڳورن، مشائخن ۽ معزز شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي سيرت نبويﷺ ۽ اولياءِ ڪرام جي تعليم کي موجوده دؤر جي قومي ۽ عالمي چئلينجز جي حل لاءِ رهنمائي جو جامع سرچشمو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين باني عيدگاهه شريف شيخ المشائخ خواجگان حضرت خواجه حافظ عبدالڪريم، سندن جانشينن ۽ موجوده سجاده نشين ۽ روحاني قيادت کي ديني، روحاني ۽ سماجي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته عيدگاهه شريف سلسلو عاليه صدقيه نقشبنديه جي هڪ عظيم روحاني درسگاهه آهي، جتان گذريل اٽڪل ڏيڍ صديءَ کان اسلام، محبت، رواداري ۽ انسان دوستيءَ کي عام ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کان علاوه برطانيه، آمريڪا، يورپ ۽ وچ اوڀر سميت دنيا جي مختلف ملڪن مان لکين ماڻهو ان سان واڳيل آهن، جڏهن ته موجوده سجاده نشين جي عالمي سطح تي تبليغي خدمتن جي نتيجي ۾ بيشمار ماڻهو اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا. پنهنجي خطاب ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته اولياءِ ڪرام پنهنجي عملي زندگيءَ ذريعي اهو ثابت ڪيو ته رسول اڪرمﷺ جي تعليمات سموري انسانيت لاءِ امن، عدل، محبت ۽ اجتماعي ڀلائي جو دائمي پيغام آهي. هن رياستِ مدينه جي تصور کي هڪ تاريخي ۽ عملي نمونو قرار ڏيندي چيو ته هي انساني تاريخ جو اهڙو مثالي نظام هو جنهن عدل، مساوات، مذهبي آزادي، اقليتن جي حقن، معاهدن جي پاسداري ۽ اجتماعي ذميداريءَ کي بنيادي حيثيت ڏني. هن چيو ته اڄ به رياستن جي مضبوط طاقت سان نه پر انصاف، شفافيت، اخلاقي قدرن ۽ انسان دوستيءَ سان واڳيل آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش معاشي ڏُکيائين، سماجي ناهمواري، بي روزگاري ۽ ٻين چئلينجز جو پائيدار حل سيرت النبيﷺ ۾ موجود ديانتداري، امانت، محنت، انصاف ۽ خلق جي خدمت جهڙن اصولن ۾ لِڪل آهي، جيڪڏهن انهن قدرن کي قومي ترجيحن جو حصو بڻايو وڃي ته ملڪ کي وڌيڪ مستحڪم، خوشحال ۽ هم آهنگ بڻائي سگهجي ٿو. هن نوجوان نسل ۾ برداشت، اعتدال، انسانيت جو احترام ۽ خلق جي خدمت جي جذبي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان اولياءِ ڪرام جي ڌرتي آهي ۽ اسان کي پنهنجي روحاني ورثي کي قومي ڪردار سازي جو حصو بڻائڻو پوندو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي سينيٽ چيئرمين دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي سيرتِ طيبه جي نور سان پنهنجي زندگين کي منور ڪرڻ، اولياءِ ڪرام جي تعليمات مان رهنمائي حاصل ڪرڻ ۽ عدل، اخوت، رحم ۽ انسانيت تي ٻَڌل معاشري جي قيام جي توفيق عطا فرماءِ.










