اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نرسنگ جو شعبو صحت جي نظام ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان شعبي جي بهتريءَ لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، حڪومت نرسنگ جي شعبي کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ بنائڻ، افرادي قوت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان نرسنگ …
حڪومت نرسنگ جي شعبي کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ بنائڻ ۽ عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته نرسنگ جو شعبو صحت جي نظام ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان شعبي جي بهتريءَ لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن، حڪومت نرسنگ جي شعبي کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ بنائڻ، افرادي قوت ۾ واڌ ڪرڻ ۽ عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان نرسنگ اينڊ مڊوائفري ڪائونسل (پي اين اينڊ ايم سي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان کي اٽڪل 9 لک نرسز جي ضرورت آهي، جڏهن ته سڄي دنيا 25 لک نرسز جي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نرسنز جو انگ صرف 6 هزار جي ويجهو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ۾ اهو انگ 6 لک آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نرسنگ جي شعبي کي صحيح انداز ۾ منظم ڪيو وڃي ته پاڪستان نه صرف پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو پر عالمي سطح تي به افرادي سگهه فراهم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نرسنگ ڪائونسل ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان انتظامي ۽ قانوني مسئلا موجود آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ڪائونسل جي ڪيترن ئي عهديدارن ۽ ميمبرن وچ ۾ ڪيس ٻُڌڻي هيٺ هئا، جنهن سبب اداري جي ڪارڪردگي سخت متاثر ٿي، عدالت جي حڪمن باوجود ڪجهه انتظامي معاملن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته نرسنگ ڪائونسل ۾ سڌارن لاءِ آرڊيننس جاري ڪيا، جنهن تحت اداري جي انتظامي ڍانچي ۾ تبديليون ڪيون ويون. هن ٻُڌايو ته نئين نظام تحت ڪائونسل جي صدر لاءِ گريڊ 22 جي آفيسر جو شرط رکيو ويو آهي ته جيئن احتساب ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته 19 ميمبرن تي ٻَڌل نئين ڪائونسل جوڙي وئي آهي جنهن ۾ صوبن ۽ گلگت بلتستان جي نمائندگي شامل هوندي. وفاقي وزير چيو ته آرڊيننس کي مستقل قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ معاملو وزيراعظم ڏانهن اُماڻيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن مرحلي تي آرڊيننس جو مدو ختم به ٿي وڃي ته ان دوران ڪيل فيصلا قانوني تحفظ جا گهرجائو رهندا ۽ اڳوڻي انتظامن جي واپسي جو تاثر درست ناهي. نئين ڪائونسل 63 ادارن جي انسپيڪشن رپورٽن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ 55 ڪاليجن کي منظوري ڏني آهي جن ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارا شامل آهن. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن وقت 425 نرسنگ ڪاليجن جون درخواستون التوا هيٺ آهن جن جي انسپيڪشن اڃا باقي آهي. هن والدين ۽ شاگردن کي مشورو ڏنو ته ڪنهن به نرسنگ اداري ۾ داخلا وٺڻ کان پهرين ان جي رجسٽريشن ۽ منظوريءَ جي تصديق ضرور ڪن. هن ڪرپشن جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته جيڪڏهن نئين ڪائونسل جي ڪنهن ميمبر خلاف مالي بي ضابطگين يا رشوت وٺڻ جو ثبوت پيش ڪيو وڃي ته فوري اصلاحي ڪارروائي ڪئي وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته ماضيءَ ۾ ڪجهه ڌُريون نرسنگ شعبي کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪنديون رهيون آهن. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نرسنگ ڪائونسل جي سموري نظام کي ڊجيٽلائزيز ڪيو ويندو ته جيئن شفافيت، احتساب ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهڙو نظام بڻايو ويندو جنهن ۾ بدعنواني ۽ غير قانوني مداخلت جا امڪان گهٽ کان گهٽ هجن. پريس ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت نرسنگ جي شعبي کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ بنائڻ ۽ عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.










