لاهور- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ تميم اقبال لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس جو بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر چونڊجڻ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سٺو سئنوڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته تميم اقبال جي سربراهي ۾ بنگلاديش …
تميم اقبال جو بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر چونڊجڻ سٺو سئنوڻ آهي: محسن نقوي

مزید خبریں
لاهور- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. محسن نقوي پنهنجي بيان ۾ تميم اقبال لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس جو بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر چونڊجڻ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سٺو سئنوڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته تميم اقبال جي سربراهي ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۽ راند جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ دوستاڻا ۽ پيشيواراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، جيڪي ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.











