اسلام آباد - 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ تازي تشدد کي سنگين خطرو قرار ڏيندي ڌرين کي تحمل ۽ بردباري، امن کي وڌيڪ هڪ موقعو ڏيڻ ۽ تشدد ۽ تباهي جي رستي بدران امن ۽ سفارتڪاري جي راهه تي قائم رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي تشدد ۾ اضافو …
وچ اوڀر ۾ تازو تشدد سنگين خطرو، ڌريون تحمل ۽ بردباري ۽ امن کي وڌيڪ هڪ موقعو ڏين: وزيراعظم شهباز شريف جي تشدد ۽ تباهي جي رستي بدران امن ۽ سفارتڪاري جي راهه تي قائم رهڻ جي اپيل
اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ اوڀر ۾ تازي تشدد کي سنگين خطرو قرار ڏيندي ڌرين کي تحمل ۽ بردباري، امن کي وڌيڪ هڪ موقعو ڏيڻ ۽ تشدد ۽ تباهي جي رستي بدران امن ۽ سفارتڪاري جي راهه تي قائم رهڻ جي اپيل ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي تشدد ۾ اضافو ان ڳالهه جي واضح ياد ڏياري ٿو ته هڪ ڪمزور ۽ غيرمستحڪم جنگبندي ڪيترن سنگين خطرن ۽ ناقابل برداشت نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي ڀائر ملڪن ۽ حصيدارن سان گڏجي ان تڪرار جي پرامن سفارتي حل جي لاءِ سچي نيت ۽ اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل جو مقصد ويجهو نظر اچي رهيو آهي اسان سمورين ڌرين کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ امن کي وڌيڪ هڪ موقعو ڏين. هن چيو ته اسان کي تشدد ۽ تباهي جي رستي بدران امن ۽ سفارتڪاري جي ان راهه تي قائم رهڻو پوندو جنهن جي ڪاميابي جا امڪان روشن ۽ حوصلي جوڳا آهن.












