سمنڊ انساني زندگي، ماحولياتي توازن، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جو بنيادي ذريعو آهن: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سمنڊن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سمنڊ انساني زندگي، ماحولياتي تحفظ، وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ ماحولياتي شعور کي هٿي وٺائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته سمنڊ انساني زندگي، ماحولياتي توازن، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جو بنيادي ذريعو آهن، ان لاءِ انهن جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال لاءِ …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سمنڊن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سمنڊ انساني زندگي، ماحولياتي تحفظ، وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ ماحولياتي شعور کي هٿي وٺائڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته سمنڊ انساني زندگي، ماحولياتي توازن، غذائي تحفظ ۽ معاشي ترقي جو بنيادي ذريعو آهن، ان لاءِ انهن جي تحفظ ۽ پائيدار استعمال لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي اثرائتا قدم کڻڻ ضروري آهن. هن چيو ته هلندڙ سال سمنڊن جي عالمي ڏينهن جو موضوع “ري اميجن” اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته اسان سامونڊي وسيلن جي تحفظ ۽ ان جي ذميواراڻي استعمال لاءِ پنهنجي حڪمت عملين جو نئين سر جائزو وٺون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان هڪ اهم سامونڊي ملڪ هئڻ جي ناطي وسيع سامونڊي وسيلا ۽ بي شمار معاشي امڪان رکندڙ آهي. ماهيگيري، واپار، بندرگاهي سرگرميون ۽ بليو اڪانامي سان واڳيل شعبن ۾ سمنڊن جي اهميت اڃا وڌي وڃي ٿي، البته انهن وسيلن جو تحفظ قومي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سامونڊي حياتياتي تنوع جي تحفظ، گدلاڻ جي خاتمي ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام جي بحالي لاءِ گڏيل ۽ مربوط قدم وقت جي اهم ضرورت آهن. هن چيو ته حد کان وڌيڪ ماهيگيري، سامونڊي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ سڄي دنيا جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته صاف، صحتمند ۽ پائيدار مستقبل جي قيام لاءِ اثرائتي ماحولياتي حڪمراني، عوامي آگاهي ۽ پائيدار سامونڊي پاليسين کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي. هن پاليسي سازن، سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، تعليمي ادارن ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سامونڊي وسيلن جي تحفظ ۽ ماحول دوست طرز عمل کي هٿي وٺائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي لاءِ عالمي ڪوششن ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هن چيو ته سمنڊن ۽ ان سان واڳيل وسيلن جو تحفظ نه رڳو ماحول جي استحڪام پر قومي معيشت جي مضبوطي ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاءِ به اڻٽر آهي.