سينيٽ ڪفايت شعاري هدف سان 500 سيڪڙو وڌيڪ بچت ڪري اداره جاتي احتساب ۽ عالمي نظم و ضبط جو نئون مثال قائم ڪري ورتو

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي هدايتن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ لاڳو ڪيل جامع ڪفايت شعاري ۽ خرچن ۾ اثرائتي گهٽتائي واري پروگرام تحت هڪ ارب 43 ڪروڙ 60 لک روپين جي بچت قومي خزاني ۾ واپس جمع ڪرائي وئي. اها بچت ناڻي واري وزارت پاران مقرر هدف کان 500 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ مالي سال 26-2025ع لاءِ سينيٽ جي مجموعي بجيٽ …

اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي هدايتن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ لاڳو ڪيل جامع ڪفايت شعاري ۽ خرچن ۾ اثرائتي گهٽتائي واري پروگرام تحت هڪ ارب 43 ڪروڙ 60 لک روپين جي بچت قومي خزاني ۾ واپس جمع ڪرائي وئي. اها بچت ناڻي واري وزارت پاران مقرر هدف کان 500 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ مالي سال 26-2025ع لاءِ سينيٽ جي مجموعي بجيٽ جو 15.9 سيڪڙو ٿئي ٿي. جيڪا مالي نظم و ضبط، اداره جاتي ذميواري ۽ عوامي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال جو هڪ نئون ۽ شاندار مثال آهي. سينيٽ چيئرمين ان عمل جو بنياد ان اصول تي رکيو ته عوامي عهدو هڪ مقدس امانت آهي ۽ قومي وسيلن جو تحفظ رياستي ذميواري جي بنيادي گهُرج آهي. هن ڪفايت شعاري قدمن جي شروعات پنهنجي آفيس کان ڪئي ۽ بعد ۾ انهن قدمن کي پوري سينيٽ سيڪريٽريٽ تائين وسعت ڏني، ته جيئن مالي نظم و ضبط رڳو علامتي قدم نه پر هڪ مستقل اداره جاتي روايت بڻجي سگهي. ان پاليسي تحت سينيٽ فنانس ڪميٽي مان منظور ڪيل 18 مان 17 ترقياتي ۽ خريداري منصوبن کي ختم يا رد ڪري ڇڏيو، جنهن سان نمايان ۽ فوري مالي بچت ممڪن ٿي. ڀرتين ۽ ٻين غير ضروري خرچن کي محدود ڪيو ويو، انتظامي خرچن ۾ گهٽتائي آندي وئي جڏهن ته آپريشنل خرچن جي سخت نگراني کي يقيني بڻايو ويو. اهڙي طرح سرڪاري ٽرانسپورٽ جي استعمال کي نمايان حد تائين محدود ڪيو ويو، ٻارڻ جي ڪوٽا مقرر ڪئي وئي ۽ ان جي نگراني جو اثرائتو نظام لاڳو ڪيو ويو. سرڪاري اجلاسن ۽ تقريبن ۾ ضيافت ۽ ريفريشمينٽ جا انتظام ختم ڪيا ويا، جڏهن ته ڪميٽي اجلاسن کي ترتيبوار ڊجيٽل ۽ ورچوئل ذريعن تي منتقل ڪيو ويو ته جيئن انتظامي ۽ ميزباني خرچ گهٽ ڪري سگهجن. سمورن غير ضروري پرڏيهي دورن کي به معطل ڪيو ويو. خصوصي طور تي ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته موجوده مالي سال ۾ سرڪاري گاڏين جي خريداري لاءِ 6 ڪروڙ روپيا رکڻ باوجود هڪ به نئين گاڏي خريد نه ڪئي وئي، جيڪا سينيٽ قيادت جي قومي مفادن کي اداره جاتي سهولت تي ترجيرح ڏيڻ جو عملي مثال آهي. ان تسلسل کي برقرار رکندي سينيٽ چيئرمين جي تجيوز تي سينيٽ فنانس ڪميٽي ايندڙ مالي سال ۾ ناڪاره قرار ڏنل سرڪاري گاڏين جي تبديلي لاءِ ڄاڻايل فنڊز تان به دستبرار ٿيڻ جو گڏيل فيصلو ڪيو. جنهن سان وڌيڪ 14 ڪروڙ روپين جي بچت جو امڪان آهي. اها بچت رڳو لاڳتي انگن اکرن يا رد ٿيل ادائگين جو نتيجو ناهي پر حقيقي ۽ تصديق جوڳي مالي بچت آهي، جيڪا قومي خزاني ۾ واپس جمع ڪرائي وئي آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ کي مالي احتياط ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي ضرورت درپيش آهي. سينيٽ عملي قدمن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي، ته ڪفايت شعاري رڳو نعرو ناهي پر هڪ اثرائتي حڪومتي طرز عمل بڻجي سگهي ٿي. اها ڪاميابي رڳو سڌارن، ذميواراڻي مالي انتظام ۽ اثرائتي اداره جاتي نگراني جو نتيجو آهي. انهن انگن اکرن کي عوام سامهون آڻن جو مقصد شفافيت، جوابدهي ۽ رياستي ادارن تي عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. سينيٽ چيئرمين واضح ڪيو ته اهو ڪو وقتي قدم ناهي پر هڪ ذميوار حڪمراني، مالي احتياط ۽ اعليٰ ترين عوامي خدمتن جي اصولن تحت جاري رهندڙ عزم آهي، ڇاڪاڻ ته قومي وسيلا اصل عوام جي امانت آهن ۽ بچايل هر پيسو عوام جي ملڪيت آهي.