پاڪستان پاران برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پرڏيهين پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڏنل غيرذميواراڻي ۽ حقيقتن کان اڻڄاڻ اشارن ۽ الزامن تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 08 جون (اي پي پي) پاڪستان برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پرڏيهين پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڏنل غيرذميواراڻي ۽ حقيقتن کان اڻڄاڻ اشارن ۽ الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن، بهتر ٿيندو ته اهي جتي رهن ٿا ان ملڪ جي ترقي ۽ …

اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) پاڪستان برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پرڏيهين پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڏنل غيرذميواراڻي ۽ حقيقتن کان اڻڄاڻ اشارن ۽ الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن، بهتر ٿيندو ته اهي جتي رهن ٿا ان ملڪ جي ترقي ۽ ڀلائي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ڪجهه برطانوي پارليامينٽ ميمبرن پاران ڪيل غيرضروري تبصرن ۽ اٿاريل سوالن جو پڻ نوٽيس ورتو آهي جيڪي ان معاملي جي تاريخي پس منظر کان اڻ ڄاڻائي جي عڪاسي ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس موجب جيڪي ماڻهو اڃان به نئين آبادياتي دور جي سوچ ۾ مبتلا آهن انهن کي ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته پاڪستان برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پرڏيهين پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڏنل غيرذميواراڻي ۽ حقيقتن کان اڻڄاڻ اشارن ۽ الزامن جو ڳڻتي سان نوٽيس ورتو آهي. انهن ماڻهن کي مشورو ڏنو وڃي ٿو ته اهي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪن. پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ جمهوري ملڪ آهي جيڪو ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي اصول تي پختو يقين رکي ٿو ۽ ٻين کان به ان طرز عمل جي اميد ڪري ٿو. پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جون حڪومتون شهرين جي پرامن ميڙ، اظهار راءِ جي آزادي ۽ جمهوري عمل ۾ شرڪت جي آئيني حق کي مڪمل طور تي تسليم ۽ احترام ڪري ٿي جڏهن ته ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن ۽ عوامي خدمتن بشمول اسپتالن جي تباهي، بيگناهه شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي قتل جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان برطانوي حڪومت تي زور ڏيون ٿا ته اها ڪالعدم تنظيمن جي حمايت ڪندڙ عنصرن کي آگاهه ڪري ۽ تنبيهه ڪري ته اهي اهڙن قدمن کان پاسو ڪن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل جمهوري عمل، عدالتي فيصلن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڪن.