اسلام آباد - 08 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ آٽو ۽ آٽو پارٽس پاليسي جو جائزو ورتو ويو خاص طور تي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين (اي ويز) جي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کي اليڪٽرڪ گاڏين کي فروغ ڏيڻ، …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعلى سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اعلى سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ آٽو ۽ آٽو پارٽس پاليسي جو جائزو ورتو ويو خاص طور تي پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين (اي ويز) جي منتقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کي اليڪٽرڪ گاڏين کي فروغ ڏيڻ، مقامي مينوفيڪچرنگ کي مضبوط بڻائڻ، معاون حڪومتي پاليسين جي ذريعي صنعت جي ترقي کي آسان بڻائڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اهڙي چٽاڀيٽي، جديد ۽ پائيدار آٽوموٽو ايڪو سسٽم جي ترقي جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو اقتصادي ترقي کي سهارو ڏي، صنعتي صلاحيت کي وڌائي، هنرمند نوڪريون پيدا ڪري ۽ مستقبل جي ضرورتن سان هم آهنگ آٽوموٽو سيڪٽر جي ذريعي ماحولياتي پائيدار کي هٿي ڏي. هڪ جامع ۽ مشاورتي طريقيڪار کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت جو جائزوو ٺڻ ۽ پاليسي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. اجلاس ۾ توانائي، پيٽروليم ۽ موسمياتي تبديلي وارن وفاقي وزيرن، صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ڪامرس، صنعت ۽ پيداوار ۽ پيٽروليم جي سيڪريٽرين، اين سي ايم سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر، لاڳاپيل وزارتن جي اعلى عملدارن ۽ ناليوارن پاليسي ماهرن ۽ اقتصادي ماهرن شرڪت ڪئي.









