اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي عوام کي گلگت بلتستان ۾ شفاف، پرامن ۽ سياسي سرگرمين سان ڀرپُور چونڊُون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم پاڪستان پيپلز پارٽي کي مبارڪباد ڏني، جيڪا گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اڪثريتي سياسي پارٽي طور سامهون آئي آهي. وزيراعظم ان ڪاميابي تي صدر …
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي عوام کي گلگت بلتستان ۾ شفاف، پرامن ۽ سياسي سرگرمين سان ڀرپُور چونڊُون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي عوام کي گلگت بلتستان ۾ شفاف، پرامن ۽ سياسي سرگرمين سان ڀرپُور چونڊُون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم پاڪستان پيپلز پارٽي کي مبارڪباد ڏني، جيڪا گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اڪثريتي سياسي پارٽي طور سامهون آئي آهي. وزيراعظم ان ڪاميابي تي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ڪامياب اميدوارن کي پُڻ مبارڪباد ڏني، جنهن چونڊ ميدان ۾ سٺو مُقابلو ڪيو. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) جي ٽيم ڀرپُور محنت ڪئي، انهن کي شاباش ڏيان ٿو. وزيراعظم چيو ته آئُون گلگت بلتستان ۾ سڀني ڪامياب اميدوارن کي پُڻ مبارڪباد ڏيان ٿو، گلگت سياسي سرگرمين ۾ ڀرپُور شرڪت ڪرڻ تي گلگت بلتستان جي عوام پُڻ خصوصي شباشي جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پرامن، شفاف چونڊون ۽ سياسي سرگرميون جمهوريت جو حسن آهن، اليڪشن ڪميشن شفاف ۽ غير جانبدار چونڊن کي يقيني بڻايو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پرامن چونڊن جي انعقاد ۾ ڀرپُور ڪردار ادا ڪرڻ تي شاباش ڏني












