اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ذريعي 27 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾، هن پاڪستان فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروايُون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ بهادري جو واضح …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اتر وزيرستان ۾ 27 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اتر وزيرستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ذريعي 27 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾، هن پاڪستان فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف ڪامياب ڪارروايُون سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهن، پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين تي قوم کي فخر آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر "عزم استحڪام” تحت دهشتگردي خلاف جاري قومي مهم جي مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ ۾ مضبُوط امن جي قيام لاءِ پوري قوم متحد آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اتر وزيرستان سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ جي امن ۽ استحڪام جا ضامن آهن، ۽ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.












