پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غذائي تحفظ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو

اسلام آباد-07 جون (اي پي پي)  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غذائي تحفظ جو عالمي ڏهاڙو آچر ڏينهن 7 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد غير محفوظ خوراڪ سبب ٿيندڙ نقصانن جي باري ۾ آگاهي ڦهلائڻ ۽ صحتمند غذا جي عالمي معيارن کي يقيني بڻائڻ آهي. غذائي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ …

اسلام آباد-07 جون (اي پي پي)  پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ غذائي تحفظ جو عالمي ڏهاڙو آچر ڏينهن 7 جون تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو بنيادي مقصد غير محفوظ خوراڪ سبب ٿيندڙ نقصانن جي باري ۾ آگاهي ڦهلائڻ ۽ صحتمند غذا جي عالمي معيارن کي يقيني بڻائڻ آهي. غذائي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان مختلف سرڪاري، غير سرڪاري ادارن ۽ سماجي تنظيمن جي انتظام هيٺ سيمينارز ۽ آگاهي تقريبون منعقد ڪيون ويون، جڌهن ته عام ماڻهو کي متوازن غذا ۽ زهريلي اثرن کان پاڪ خوراڪ جي استعمال جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪري سگهجي.