اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري غذائي تحفظ جي معيار جي موثر لاڳو لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل تعاون کي ضروري قرار ڏيندي غذائي تحفظ جي معيار تي عملدرآمد کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. غذائي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته غذائي تحفظ واري عالمي ڏينهن تي هو عالمي برادري سان …
غذائي تحفظ جي معيار جي موثر لاڳو لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل تعاون کي ضروري آهي: صدر مملڪت آصف علي زرداري جو غذائي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري غذائي تحفظ جي معيار جي موثر لاڳو لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل تعاون کي ضروري قرار ڏيندي غذائي تحفظ جي معيار تي عملدرآمد کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. غذائي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته غذائي تحفظ واري عالمي ڏينهن تي هو عالمي برادري سان گڏجي عوامي صحت، غذائي تحفظ ۽ ترقي لاءِ محفوظ غذا جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته هي عالمي ڏينهن گڏيل قومن طرفان 2018ع ۾ جاري ڪرڻ کانپوءِ، خوراڪ ۽ زراعت جي تنظيم (ايف اي او) ۽ صحت واري عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سهڪار سان ملهايو ويندو آهي ته جيئن سڄي دنيا ۾ غذائي تحفظ جي حوالي سان آگاهي ۽ عملي قدمن کي هٿي ڏئي سگهجي. صدر چيو ته هلندڙ سال جو موضوع دٻاءُ کان حل طرف …. هر هنڌ محفوظ غذا آهي، جيڪو غذائي گدلاڻ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جي بهتر نتيجن جي حاصلات لاءِ سائنس، انگن اکرن ۽ ثبوتن تي ٻڌل قدمن جي اهميت طرف ڌيان ڏياري ٿو ته جيئن عوام کي صحت جي خطرن کان محفوظ رکڻ لاءِ فيصلا ۽ عملي حل اڻٽر آهن. هن چيو ته غذائي تحفظ لکين ماڻهن جي روزاني زندگي تي اثر انداز ٿئي ٿو. هر خاندان اها اميد رکي ٿو ته بازار مان خريد ڪيل، ريسٽورنٽن ۾ پيش ڪيل، تعليمي ادارن ۾ تيار ٿيندڙ يا گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ خوراڪ محفوظ ۽ تسلي بخش هجي. جڏهن غذائي تحفظ جي معيار تي عمل نٿو ڪيو وڃي ته ان جي نتيجي ۾ بيمارين جو پکڙجڻ، آمدني ۾ گهٽتائي، علاج ۾ واڌو خرچ، تعليم ۽ روزگار ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي سگهن ٿيون، ان لاءِ صارفين کي انهن خطرن کان محفوظ رکڻ نه رڳو عوامي صحت جي ذميواري پر عوامي اعتماد جي گهرج پڻ آهي. هن چيو ته محفوظ غذا جي فراهمي حڪومت، ريگوليٽري ادارن، پيداوار ڪندڙ، پروسيسرز، ٽرانسپورٽرز، خوراڪ سان واڳيل ڪارڪنن ۽ صارفين جي گڏيل ڪوسشن سان ئي ممڪن آهي. محفوظ غذا صحت جي تحفظ، صارفين جي اعتماد ۾ واڌ، روزگار جي استحڪام ۽ معاشي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هي خاص ڪري ٻارن، ڳورهاري عورتن ۽ کير پياريندڙ عورتن ۽ بزرگن ۾ غذائي گدلاڻ سبب پيدا ٿيندڙ بيمارين کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. صدر مملڪت چيو ته اڄ جي هڪ مربوط غذائي نظام ۾ موثر غذائي تحفظ جا قدم سائنس، شفافيت ۽ عالمي طور تسليم ٿيل معيارن جي بنياد تي لاڳو ٿيڻ گهرجن. چڪاس جي نظام، تجربي گاهن جي واڌ، خوراڪ جي نگراني جي موثر طريقيڪار ۽ صحت جي اصولن کي مضبوط بڻائڻ عوامي صحت جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. غذائي تحفظ جي معيار جي موثر لاڳو لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ مسلسل تعاون اڻٽر آهي. هن چيو ته غذائي تحفظ جو عالمي ڏينهن ترقي، عوامي صحت ۽ واپار ۾ غذائي تحفظ جي اهم ڪردار کي به اجاگر ڪري ٿو. غذائي تحفظ جي بنيادي ڍانچي، آگاهي پروگرامن ۽ جديد ريگوليٽري نظام ۾ سيڙپڪاري هڪ مضبوط غذائي نظام جوڙڻ سان گڏوگڏ صارفين جي تحفظ کي به بهتر بڻائي سگهي ٿي. هن سمورن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته هو خوراڪ جي فراهمي جي سلسلي ۾ محفوظ غذائي طريقن کي هٿي ڏين ۽ غذائي تحفظ جي معيار تي عملدرآمد کي مضبوط بڻائين. گڏيل ذميواري، باخبر قدمن ۽ مستقل عزم ذريعي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هر ماڻهو کي محفوظ، غذائيت سان ڀرپور ۽ معياري خوراڪ ميسر هجي.









