اسلام آباد - 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ ديوان موٽرز جي انتظام هيٺ Mini برانڊ ڊسپلي ۽ آل اليڪٽرڪ گاڏين جي شو ڪيس تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل پريس ريليز موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ جديد، ماحول دوست ۽ معياري ٽرانسپورٽ سهولتن کي هٿي وٺائڻ ۾ ديوان موٽرز جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته جديد …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي Mini آل اليڪٽرڪ گاڏين جي شُو ڪيس تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني اسلام آباد ۾ ديوان موٽرز جي انتظام هيٺ Mini برانڊ ڊسپلي ۽ آل اليڪٽرڪ گاڏين جي شو ڪيس تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سينيٽ سيڪرٽريٽ مان جاري ڪيل پريس ريليز موجب ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ جديد، ماحول دوست ۽ معياري ٽرانسپورٽ سهولتن کي هٿي وٺائڻ ۾ ديوان موٽرز جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته جديد گاڏين کي هٿي وٺائڻ مستقبل جي پائيدار معاشي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳڀرائي جي علامت آهي. سينيٽ چيئرمين کي نئين آل اليڪٽرڪ رينج ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته خانگي شعبي ۾ اهڙي سيڙپڪاري، صنعتي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ جديد سفري سهولتن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. تقريب ۾ ڪاروباري شخصيتن، آٽو موبائل شعبي جي نمائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي.









