ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي قومي روانگي واپار ۾ 21.13 سيڪڙو جو اضافو

اسلام آباد - 07 جون(اي پي پي) ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي قومي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران 21.13 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل 26-2025ع دوران روانگي واپار جي ماليت 3.811 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي روانگي واپار …

اسلام آباد – 07 جون(اي پي پي) ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي قومي روانگي واپار ۾ هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران 21.13 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل 26-2025ع دوران روانگي واپار جي ماليت 3.811 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي روانگي واپار سان 3.146 ارب ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو هو. اهڙي طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪمپيوٽرز ۽ انفارميشن سروسز جي ملڪي  روانگي واپار ۾ 0.665 ارب ڊالر يعني 21.13 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.