اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان سعودي ۽ مقامي حصيدارن سان گڏ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) جي سامونڊي ايراضي تي عالمي معيار جي ميري ٽائيم بزنس ڊسٽرڪٽ جي ترقي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ايم او يو تي صحيحون سعودي پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي …
ڪي پي ٽي جي 140 ايڪڙ ايراضي تي ميري ٽائيم بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام لاءِ ايم او يو تي صحيحون، پاڪستان کي علائقائي سامونڊي واپار، سيڙپڪار جو مرڪز بڻائڻ جو هدف آهي: وفاقي وزير
اسلام آباد-06 جون (اي پي پي)سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستان سعودي ۽ مقامي حصيدارن سان گڏ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) جي سامونڊي ايراضي تي عالمي معيار جي ميري ٽائيم بزنس ڊسٽرڪٽ جي ترقي جي امڪانن جو جائزو وٺڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون آهن. ايم او يو تي صحيحون سعودي پاڪستان جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيون ويون. معاهدي تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، سعودي بزنس ڪائونسل، نجدگيٽ وي هولڊنگ ڪمپني، عارف حبيب ڊولمين ريئٽ مينيجمينٽ لميٽيڊ (اي ايڇ ڊي آر ايم ايل) ۽ پاڪستان ڪارپوريٽ ڪنسوريشم وچ ۾ اتفاق ٿيو. سامونڊي معاملن واري وزارت موجب وفاقي وزير چيو ته ڄاڻايل منصوبو ڪراچي ۾ ايم ٽي خان روڊ تي واقع ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي 140 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو ويندو، جنهن جو مقصد علائقي کي هڪ جديد واپاري ۽ سامونڊي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻو آهي جنهن تحت جديد واپاري انفرا اسٽرڪچر قائم ڪيو ويندو ته جيئن ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏئي سگهجي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿين ۽ شهري ترقي جي عمل کي وڌيڪ سگهه ملي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هي اسٽريٽجڪ حصيداري ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي سامونڊي اثاثن جي مڪمل صلاحيت استعمال آڻڻ ۽ پاڪستان کي سامونڊي واپار ۽ سيڙپڪاري جي علائقائي مرڪز طور اڀارڻ جو هڪ تاريخي موقعو آهي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته منصوبي تي عملدرآمد کان اڳ پاڪستاني قانونن تحت سموريون قانوني ۽ ريگوليٽري گهرجون پوريون ڪيون وينديون. ٻئي پاسي سعودي وفد جي ميمبرن بحري شعبي ۾ وسيع تر تعاون، بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر جي ترقي ۽ لاڳاپيل منصوبن ۾ امڪاني سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. محمد جنيد انوار چوڌري جو چوڻ هو ته سعودي وفد جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ بندرگاهن، لاجسٽڪس، انفرا اسٽرڪچر ۽ واپاري سهولتڪاري جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي وسيع ڪوششن جو حصو آهي. هن چيو ته لاڳاپيل ادارن جي منظورين سان مشروط هي منصوبو خطي جو سڀ کان وڏو ساموندي واپاري ترقياتي منصوبن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.











