صدر مملڪت پاران سويڊن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي ان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد -06 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سويڊن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي سويڊن جي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن، هن چيو ته پاڪستان سويڊن سان پنهنجن پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، 1949ع ۾ قائم ٿيل اهي لاڳاپا گڏيل احترام، عالمي امن ۽ تعاون جي گڏيل عزم جي مضبوط بنيادن تي بيٺل آهن. ايوان صدر جي …

اسلام آباد -06 جون (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سويڊن جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي سويڊن جي حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن، هن چيو ته پاڪستان سويڊن سان پنهنجن پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، 1949ع ۾ قائم ٿيل اهي لاڳاپا گڏيل احترام، عالمي امن ۽ تعاون جي گڏيل عزم جي مضبوط بنيادن تي بيٺل آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مملڪت ٻه طرفه لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته تجديد جوڳي توانائي، ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، ٽيڪسٽائيل ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي کي وڌيڪ وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. هن ايندڙ سالن ۾ گڏيل فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.