اسلام آباد -06 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادرن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 62 لک کان وڌيڪ ماليت جي 46.03 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران سنگجاڻي ٽول پلاه ويجهو 2 عورتن ۽ مرد …
اي اين ايف جون ڪارروائيون 46.03 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 عورتن سميت 10 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد -06 جون (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادرن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 62 لک کان وڌيڪ ماليت جي 46.03 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 2 عورتن سميت 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران سنگجاڻي ٽول پلاه ويجهو 2 عورتن ۽ مرد جي قبضي مان 14.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. راولپنڊي ۾ بس ٽرمينل ويجهو 2 جوابدارن جي قبضي مان 3.6 ڪلوگرام چرس جڏهن ته اسلام آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو جوابدارن جي قبضي مان 1.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ اسڪول ويجهو موٽر سائيڪل اور جوابدار کان 9.6 ڪلو چرس، 4 ڪلو آئس، 4.2 ڪلو آفيم، 300 گرام هيروئن ۽ 84 گرام وزني 150 ايڪسٽيسي ٽيبليٽ هٿ ڪيون، گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻين ڪارروائين ۾ علامه اقبال ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي بيگ مان 1.050 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري جوابدار گرفتار ڪيو ويو. شير شاهه ٽول پلازه ملتان ويجهو گاڏي مان 4 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. پبي ڊسٽرڪٽ نوشهره ويجهو رڪشي مان 3.6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. سمورين ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











