سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا جي ملاقات

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا  سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ايٿوپيا جي سفير جي آجيان ڪندي ايٿوپيا جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل …

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان وفاقي جمهوريه ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر عمر حسين اوبا  سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ايٿوپيا جي سفير جي آجيان ڪندي ايٿوپيا جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل مفاد ۽ امن، خوشحالي ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل ويزن جي بنياد تي پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ ايٿوپيا جي تاريخي دوري ۽ اديس ابابا ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جي افتتاح ذريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي جي آجيان ڪندي چيو ته تجويز ڪيل ٻطرفي سياسي مشاورت جي معاهدي سان سفارتي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ تعاون کي هٿي ملندي. سينيٽ چيئرمين پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريندي سينيٽ آف پاڪستان ۾ پاڪستان – ايٿوپيا فرينڊشپ گروپ جي قيام جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هي فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن ۽ مستقل ڳالهين کي هٿي ڏيندو. هن عالمي پارلياماني فورمز سميت گڏيل قومن، آءِ پي يو، سي پي اي ۽ ايشيائي پارلياماني اسيمبلي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو. سيد يوسف رضا گيلاني انٽر پارلياماني اسپيڪر ڪانفرنس جي باني چيئرمين طور پارلياماني سفارتڪاري کي عالمي امن، تعاون ۽ جامع ترقي کي هٿي ڏيڻ جو موثر ذريعو قرار ڏنو ۽ ايٿوپيا جي پارلياماني قيادت کي هن پليٽ فارم تي فعال تعاون جي دعوت ڏني، سينيٽ چيئرمين ايٿوپيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر کي وفد سان گڏ پاڪستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.