مدينو شريف-05 جون(اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف مديني شريف ۾ پاڪستان حج مشن جي مين ڪوآرڊينيشن آفيس (ايم سي او) ۽ مرڪزي ڪلينڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر مدينه ٻڌايو ته هلندڙ سال 72 هزار کان وڌيڪ سرڪاري حاجين جي ميزباني ڪئي وئي جنهن مان 11 هزار 700 کان وڌيڪ حاجي هن وقت تائين مدينه منوره پهچي …
مذهبي معاملن واري وفاقي وزير جو مدينه حج مشن ۽ مرڪزي ڪلينڪ جو دورو، ڪارڪردگي تسلي بخش قرار

مزید خبریں
مدينو شريف-05 جون(اي پي پي)مذهبي معاملن ۽ بين المذهب هم آهنگي جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف مديني شريف ۾ پاڪستان حج مشن جي مين ڪوآرڊينيشن آفيس (ايم سي او) ۽ مرڪزي ڪلينڪ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڊائريڪٽر مدينه ٻڌايو ته هلندڙ سال 72 هزار کان وڌيڪ سرڪاري حاجين جي ميزباني ڪئي وئي جنهن مان 11 هزار 700 کان وڌيڪ حاجي هن وقت تائين مدينه منوره پهچي چڪا آهن. جڏهن ته هلندڙ سال پهريون ڀيرو رهائشي ڪمرن جي ڪمپيوٽرائزڊ بڪنگ ڪئي وئي، 100 سيڪڙو حاجين جي رياض جنته جي زيارت کي يقيني بڻايو پيو وڃي جڏهن ته وطن واپسي لاءِ سامان جي بڪنگ سٽي چيڪ ان ذريعي رهائشگاهن تي ڪئي پئي وڃي ۽ 30 جون تائين اڏامن جو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته خدام الحجاج جون ٽيمون 24 ڪلاڪ حاجين جي مدد لاءِ چوڪس آهن. وفاقي وزير مرڪزي ڪلينڪ جو پڻ معائنو ڪيو جتي هن کي ڪلينڪ جي مختلف حصن جو دورو ڪرايو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير حج ميڊيڪل مشن جي ڪارڪردگي تي اطيمنان جو اظهار ڪيو ۽ طبي سهولتن جي معيار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته هلندڙ سال حاجين کي مديني شريف ۾ اڳ کان وڌيڪ بهتر ۽ منظم سهولتون فراهم ڪيون ويون.









