پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي زمين جي تحفظ ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: سينيٽر محمد اسحاق ڊار

اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موسمياتي بحران جي مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي زمين جي تحفظ ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي کاتي مان جاري ٿيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي …

اسلام آباد-05 جون(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار موسمياتي بحران جي مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي زمين جي تحفظ ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي کاتي مان جاري ٿيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو آهي. نائب وزير اعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر  ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ان جي باوجود لڳاتار ايندڙ  ٻوڏ، گليشئرز جي تيزي سان ڳرڻ ،سوڪهڙي،شديد گرمي ۽ پاڻي جي وڌنڌڙ دباءَ جهڙن چيلينجز  جي مقابلي لاءِ ثابت قدمي ۽ عزم جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته زمين جي تحفظ ۽ موسمياتي بحران جي مقابلي لاءِ گڏيل ڪوششن کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلين، حياتياتي تنوع ۾ گهٽتائي ۽ ماحولياتي تبدلي جهڙن عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار کي وسعت ڏيڻ تمام گهڻو ضروري آهي. هن چيو ته قومي سطح تي پاڪستان جي حڪومت ماحولياتي تحفظ کي پنهنجي ترجيحات جو مرڪزي جز بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي. ان حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل صاف، صحت مند ۽ پائيدار ماحول جي حق کي شهرين جو بنيادي آئيني حق تسليم ڪرڻ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سان هم آهنگ رهائشي منصوبن، صاف توانائي طرف تيز ترين منتقلي ۽ ماحول دوست ۽ پائيدار تعميراتي طريقن کي هٿي وٺائڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. ان موقعي تي هن آذربائيجان جي حڪومت پاران ماحوليات جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي 2026  جي ميزباني تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي ماحولياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار ۽ تعميري ڳالهين کي هٿي وٺائڻ ۾ آذربائيجان جي ڪوششن جي تعريف ڪري ٿو.