اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)سڌ سماءِ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت بجيٽ بابت معاملن تي سمورن اتحادي پارٽين سان ويجهي رابطي ۾ آهي ۽ انهن جي خدشن ۽ مطالبن کي ترجيحي بنيادن تي غور ڪري حل ڪيو ويندو. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ عوام دوست بجيٽ سمورن اتحادي حصيدارن سان وسيع سياسي مشاورت ذريعي تيار ڪيو پيو وڃي، حڪومت بجيٽ …
حڪومت بجيٽ بابت معاملن تي اتحادي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، سندن خدشا ۽ مطالبا ترجيحي بنيادن تي غور کانپوءِ حل ڪيا ويندا: دانيال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون (اي پي پي)سڌ سماءِ واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته حڪومت بجيٽ بابت معاملن تي سمورن اتحادي پارٽين سان ويجهي رابطي ۾ آهي ۽ انهن جي خدشن ۽ مطالبن کي ترجيحي بنيادن تي غور ڪري حل ڪيو ويندو. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ عوام دوست بجيٽ سمورن اتحادي حصيدارن سان وسيع سياسي مشاورت ذريعي تيار ڪيو پيو وڃي، حڪومت بجيٽ سازي جي عمل ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ اتحادي پارٽين جي تعميري تجويزن کي شامل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته خدشا هر سياسي پارٽي جو جمهوري حق آهي ۽ کين مثبت انداز ۾ ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي اتحادين جي موقف جو احترام ڪري ٿي ۽ سڀني سنجيده خدشن ۽ جائز مطالبن کي عوامي مفاد ۾ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. اين ايف سي جي طريقيڪار بابت بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته موجوده فريم ورڪ جو جائزو وٺڻ ۽ ان کي موجوده معاشي حالتن ۽ قومي ضرورتن موجب جديد بڻائڻ جي فوري ضرورت آهي. هن زور ڀريندي چيو ته ڪنهن به مشاورتي عمل ۾ سڀني سياسي ڌرين کي شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت ۽ ان جون اتحادي پارٽيون ملڪ کي معاشي استحڪام، پائيدار ۽ عملي ترقي طرف گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. گڏيل افهام و تفهيم ۽ تعميري رابطن ذريعي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا جيڪي وسيع تر قومي مفاد ۾ هوندا. هن زور ڀريو ته حڪومت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين، اتفاق راءِ ۽ سياسي مفاهمت تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته سڀني اتحادي پارٽين سان گڏجي اڳتي وڌنداسين ۽ هي تعاون ۽ مشاورتي طرز عمل ترقي کي حاصل ڪرڻ ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ ضروري آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته اتحادي حڪومت ۾ ڪنهن به قسم جي ورهاست جو ڪو به سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي پارٽيون حڪومت جو لازمي حصو آهن، هن چيو ته اتحادي پارٽين وچ ۾ اتحاد ۽ تعاون جو جذبو جاري رهندو ۽ سڀئي پارٽيون ملڪ ۾ سياسي استحڪام، معاشي ترقي ۽ موثر حڪمراني لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن.










