قانون ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سان پنجاب جي اقليتي معاملن واري وزير جي ملاقات، انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پنجاب جي اقليتي معاملن واري وزير سردار رميش سنگهه اروڙا  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقليتي حقن، بين المذاهب هم آهنگي ۽  انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت وچ …

اسلام آباد-05 جون (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پنجاب جي اقليتي معاملن واري وزير سردار رميش سنگهه اروڙا  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقليتي حقن، بين المذاهب هم آهنگي ۽  انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انساني حقن واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر اعظم نذير تارڙ سڀني شهرين جا برابري وارا حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. سردار رميش سنگهه اروڙا چائلڊ مئريج ريسٽرينٽ ايڪٽ جي منظوري جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران اقليتي معاملن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موثر ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ۽ جامع، روادار ۽ حقن تي ٻڌل معاشري جي قيام جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں