پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي عالمي سطح تي ماحولياتي خراب اثرن ۾ انتهائي گهٽ حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز  شريف عالمي برادري سان هڪ آواز ٿي زمين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي عالمي سطح تي ماحولياتي خراب اثرن ۾ انتهائي گهٽ حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، پاڪستان ماحولياتي تنزلي جي انساني ۽ معاشي قيمت ادا ڪري …

اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز  شريف عالمي برادري سان هڪ آواز ٿي زمين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي عالمي سطح تي ماحولياتي خراب اثرن ۾ انتهائي گهٽ حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، پاڪستان ماحولياتي تنزلي جي انساني ۽ معاشي قيمت ادا ڪري رهيو آهي، انفرادي، حڪومتي ۽ عالمي سطح تي گڏيل عزم ۽ تعاون انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي دنيا جي گڏيل ڪوششن ۽ موثر گڏيل تعاون سان ئي ماحول دوست مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، هن سال جو موضوع “موسمياتي قدم” ان حقيقت کي يادن ڏياري ٿو ته ماحولياتي تحفظ جي لاءِ عالمي تعاون لازمي آهي، موسمياتي تبديلي جي صورت ۾ زمين تي وڌندڙ ماحولياتي خطرا مسئلن جي واضح نشاندهي ڪري رهيا آهن، اهي عالمي سطح جي قدمن تي ٻڌل جامع حڪمت عملي جا گهرجائو آهن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، شديد گرمي جي لهر، گليشيئرز جو پگهڙجڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ فضائي آلودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته موسمياتي تبديلي رڳو خدشا نه آهن پر هڪ تلخ حقيقت آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي عالمي سطح تي ماحولياتي خراب اثرن ۾ انتهائي گهٽ حصو هجڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن، پاڪستان ماحولياتي تنزلي جي انساني ۽ معاشي قيمت ادا ڪري رهيو آهي. انفرادي، حڪومتي ۽ عالمي سطح تي گڏيل عزم ۽ تعاون انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، حڪومت قابل تجديد توانائي جي فروغ، ٻيلن جي بحالي، حياتياتي تنوع جي تحفظ، پاڻي وسيلن جي موثر انتظام، آلودگي ۾ گهٽتائي، موسمياتي موافق زراعت ۽ سبز صنعتن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. حڪومت قدرتي ماحولياتي نظام جي بحالي کي فروغ ڏيندڙ پاليسيز تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوان نسل جون صلاحيتون، توانائي ۽ اختراعي سوچ هڪ سرسبز، محفوظ ۽ موسمياتي طور تي مضبوط پاڪستان جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون، نوجوان نسل جي علم، ٽيڪنالاجي ۽ موقعن جي ذريعي موثر ماحولياتي آگاهي ئي پائيدار ۽ تعميري معاشري جي ضمانت آهي. هن چيو ته اڄ آئون هر شهري، اداري، ڪاروباري شعبي، آبادگار ۽ زراعت سان واڳيل ماڻهن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي موسمياتي استحڪام ۽ ماحولياتي تحفظ جي ذميواري کي قومي فرض سمجهن. هن چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي تي وچن جو ورجاءُ ڪريون ته گڏيل سطح تي ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪنداسين. خاص طور تي پاڻي ۽ توانائي جي وسيلن جو تحفظ، وڻڪاري، جنگلي حيات جو تحفظ اسان جون قومي ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته اچو گڏيل عزم سان متحد ٿي سرسبز، صحتمند، صاف سٿري، ماحول دوست ۽ موسمياتي لحاظ کان مستحڪم پاڪستان جي تعمير ڪريون ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل هڪ بهتر ۽ پائيدار مستقبل مان فائدو کڻي سگهي.

مزید خبریں