اسلام آباد-05 جون(اي پي پي)واپڊا دريائن ۽آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. جمعي تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو دريا ۾ تربيلا جي جاءِ تي پاڻي جي آمد 1 لک 38 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ا لک 10 هزار ڪيوسڪ، ڪابل ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 57 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 57 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي …
واپڊا پاران ملڪ جي مختلف آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت جاري ڪيل انگ اکر

مزید خبریں
اسلام آباد-05 جون(اي پي پي)واپڊا دريائن ۽آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. جمعي تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌو دريا ۾ تربيلا جي جاءِ تي پاڻي جي آمد 1 لک 38 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ا لک 10 هزار ڪيوسڪ، ڪابل ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 57 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 57 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 74 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 1 لک 74 هزار 500ڪيوسڪ، جڏهن ته جهلم ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 46 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 29 هزار ڪيوسڪ، چناب ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 10 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي ريت آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ،پاڻي جي موجوده سطح 1453.30 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.118 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.منگلا ڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ ، پاڻي جي موجوده سطح 1170.60 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.604 ملين ايڪڙ رڪارڊ ڪيو ويو. اهڙي ريت چشمه ڊيم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 644.90 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو0.138 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











