پاڪ چين دوستي جا 75 سال مڪمل، گڏيل لاڳاپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن: سينئر تجزيه نگار رشيد صافي

اسلام آباد - 10 مئي (اي پي پي)  سينئر تجزيه نگار ۽ پاڪستان، چين ۽ افغانستان معاملن جي ماهر رشيد صافي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سفارتي رابطن کان اڳيان وڌي هڪ مضبوط ”دوستي“ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن جيڪي گذريل 75 سالن کان اعتماد، تعاون ۽  گڏيل ترقي جو روشن مثال آهن. اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته 1951ع ۾ …

اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي)  سينئر تجزيه نگار ۽ پاڪستان، چين ۽ افغانستان معاملن جي ماهر رشيد صافي چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سفارتي رابطن کان اڳيان وڌي هڪ مضبوط ”دوستي“ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري ۾ تبديل ٿي چڪا آهن جيڪي گذريل 75 سالن کان اعتماد، تعاون ۽  گڏيل ترقي جو روشن مثال آهن. اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته 1951ع ۾ شروع ڪيل انهن لاڳاپن وقت سان گڏوگڏ خطي جي سياست، معيشت ۽ دفاعي توازن تي گهرا اثرا مرتب ڪيا. سرد جنگ جي دور ۾ پاڪستان جو چين کي تسليم ڪرڻ هڪ اهم سفارتي فيصلو هو، جنهن جا اثر اڄ به موجود آهن. هن چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ قراقرم هاءِ وي جي تعمير سان شروع ٿيل تعاون اڄ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جو اهم حصو آهي. ان منصوبي تحت توانائي، موٽر ويز، مواصلات ۽ بندرگاهن سميت وڏي پئماني تي انفراسٽرڪچر جي ترقي ٿي جڏهن ته صنعتي زونز ذريعي روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا. هن چيو ته اها شراڪتداري هاڻي ٻي مرحلي م داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ايندڙ سالن ۾ اهي لاڳاپا وڌيڪ وسعت اختيار ڪندا.