صدر آصف علي زرداري پاران روسي فيڊريشن جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ روس جي عوام کي فتح جي ڏهاڙي تي مبارڪون

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري روسي فيڊريشن جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ روسي عوام کي يوم فتح تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فسطائيت خلاف عظيم جنگ ۾ فتح، روسي عوام جي عالمي جدوجهد ۾ ڏنل قربانين جي هڪ پروقار يادگار آهي. هن چيو ته اها تاريخي ڪاميابي نه رڳو روس جي قوم جي همت ۽ عزم پر عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري روسي فيڊريشن جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ روسي عوام کي يوم فتح تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته فسطائيت خلاف عظيم جنگ ۾ فتح، روسي عوام جي عالمي جدوجهد ۾ ڏنل قربانين جي هڪ پروقار يادگار آهي. هن چيو ته اها تاريخي ڪاميابي نه رڳو روس جي قوم جي همت ۽ عزم پر عالمي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سندس ڪردار جي به علامت آهي. ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان روس سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ هڪ منصفاڻي، پرامن ۽ قاعدن ۽ ضابطن تي ٻڌل عالمي نظام لاءِ گڏيل عزم کي ظاهر ڪري ٿو. هن نازي ازم خلاف جنگ ۾ حياتيون قربان ڪندڙ سمورن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جن ۾ اڄوڪي پاڪستان جا سپاهي به شامل هئا جن اتحادي فوج ۾ خدمتون انجام ڏنيون. صدر مملڪت آصف علي زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ته هن تاريخي فتح جو جذبو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون، گڏيل مفاهمت ۽ دوستي کي هٿي ڏيندو رهندو.