اسلام آباد-9 0مئي (اي پي پي) انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) اسلام آباد ۾ معرڪه حق جي ڪاميابي جي حوالي سان هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اداري جي سڀني آفيسرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي ۽ قومي جذبي جو اظهار ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي …
انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن اسلام آباد پاران معرڪه حق جي ڪاميابي جي حوالي سان تقريب منعقد

مزید خبریں
اسلام آباد-9 0مئي (اي پي پي) انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) اسلام آباد ۾ معرڪه حق جي ڪاميابي جي حوالي سان هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اداري جي سڀني آفيسرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي ۽ قومي جذبي جو اظهار ڪندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي آءِ بي سي سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته پاڪستان کي دفاع ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ عالمي سطح تي جيڪا عزت ۽ وقار حاصل ٿيو آهي، اهو اسان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت جي بهترين حڪمت عملي، عزم ۽ ويزن جو نتيجو آهي. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قومي قيادت کي ملڪ جي سلامتي، وقار ۽ قومي مفادن جي تحفظ تي ڀرپُور خراج تحسين پيش ڪيو. ڊاڪٽر ملاح چيو ته قومي ڪاميابيون اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهن ۽ اسان کي زندگي جي هر شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ۽ باوقار بڻائڻو پوندو. هن خاص طور تي شاگردن تي زور ڏنو ته اهي محنت، ذهانت، جدت ۽ بهترين حڪمت عملي ذريعي تعليمي ۽ عملي شعبن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪن ته جيئن ملڪ جو نالو روشن ٿئي. آخر ۾، ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن جوش سان "پاڪستان سدائين زنده باد” جا نعرا هڻي پنهنجي حب الوطني، قومي يڪجهتي ۽ ملڪ جي ترقي جي عزم جو اظهار ڪيو.










