شفافيت ۽ مضبوط مالياتي حڪمراني معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، اسحاق ڊار جو سائوٿ ايشين فيڊريشن آف اڪائونٽس ڪانفرنس کي خطاب

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شفافيت، جوابدهي ۽ مضبوط مالياتي حڪمراني پائيدار اقتصادي ترقي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، اسٽريٽجڪ سڌارا، علائقائي رابطا، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ اداره جاتي مضبوطي پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ پائيدار معيشت طور اڳيان وڌي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ منعقد سائوٿ …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شفافيت، جوابدهي ۽ مضبوط مالياتي حڪمراني پائيدار اقتصادي ترقي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، اسٽريٽجڪ سڌارا، علائقائي رابطا، مالياتي نظم ۽ ضبط ۽ اداره جاتي مضبوطي پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ پائيدار معيشت طور اڳيان وڌي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ منعقد سائوٿ ايشين فيڊريشن آف اڪائونٽس ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور خطاب دوران ڪيو. نائب وزيراعظم انسٽيٽيوٽ آف ڪاسٽ اينڊ مينجمينٽ اڪائونٽنٽس پاڪستان کي اڪائونٽنگ ۽ فنانس جي شعبي ۾ 75 سالن جي شاندار خدمتن ۽ پاڪستان ۾ اداره جاتي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي خطاب ۾ هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شفافيت، جوابدهي ۽ مضبوط مالياتي حڪمراني پائيدار اقتصادي ترقي، سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ معاشي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي. پرڏيهي وزاررت مان جاري بيان موجب اسحاق ڊار اڪائونٽنگ جي شعبي تي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز جي انقلابي اثرن کي اجاگر ڪندي عالمي رجحانن موجب پاڻ کي ان جهڙو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستان جي بي پناهه معاشي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته اسٽريٽجڪ سڌارا، علائقائي رابطا، مالياتي نظم و ضبط ۽ اداره جاتي مضبوطي پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ پائيدار معيشت طور اڳيان وڌي رهيا آهن. هن علائقائي امن، استحڪام، ڳالهين ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته سائوٿ ايشين فيڊريشن آف اڪائونٽنٽس جي پليٽ فارم ذريعي علائقائي تعاون، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پاڪستان حڪومت جي سڌارن لاءِ وابستگي، ڪارڪردگي، جوابدهي، پائيدار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.