لاهور- 09 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته پاڪ چين دوستي معاشي شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي استحڪام ۽ صنعتي ترقي ڏانهن گامزن آهي. صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ آهي، پاڪ چين اقتصادي تعاون بنهي ملڪن لاءِ …
پاڪ – چين دوستي معاشي شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي چُڪي آهي: هارون اختر خان

مزید خبریں
لاهور- 09 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي، ته پاڪ چين دوستي معاشي شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي استحڪام ۽ صنعتي ترقي ڏانهن گامزن آهي. صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششن ۾ آهي، پاڪ چين اقتصادي تعاون بنهي ملڪن لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جو اهم ذريعو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تازو ئي ايران آمريڪا ڇڪتاڻ ۾ پنهنجي دور انديشي سان خطي کي وڏي بحران کان بچايو. انهن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ منعقد پاڪ چين بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ چين جي 74 ڪمپنين جي 106 نمائندن، پاڪستان جي 136 ڪمپنين ۽ 252 ڪاروباري نمائندن سميت ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن، صنعتڪارن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هاڻي معاشي شراڪتداري جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پاڪستان چين لاڳاپا اعتماد، مستقل مزاجي ۽ گڏيل ويزن تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بزنس ٽو بزنس رابطا نيون اقتصادي راهون کولي رهيا آهن. هارون اختر خان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گذريل سال چين جي دوري جا هاڪاري نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ چيني سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ هڪ موزون ۽ اڀرندڙ مارڪيٽ طور دنيا ۾ سامهون اچي رهيو آهي، حڪومت صنعتي ترقي، روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ ۽ ڪاروباري سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي استحڪام ۽ صنعتي ترقي ڏانهن گامزن آهي، پاڪستان ۾ صنعتي بحالي ۽ روانگي واپار کي هٿي وٺائڻ لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا جاري آهن. نيشنل انڊسٽريل پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي ذريعي ڪاروباري لاڳت گهٽ ڪئي پئي وڃي. ريگيوليٽري گيلوٽين تحت غير ضروري رڪاوٽون ختم ڪيون پيون وڃن، پاڪستان کي گهٽ کان گهٽ ريگيوليٽيڊ ۽ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندڙ معيشت بڻايو پيو وڃي، هر ايم او يو ۽ جوائنٽ وينچر تي عملدرآمد لاءِ خاص ڪميٽيون قائم ڪيون پيون وڃن. سيڙپڪارن کي سهولت ۽ خاطري فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي بزنس ٽو بزنس لاڳاپن ۾ وڌيڪ وسعت لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان چين تعاون جو ايندڙ مرحلو صنعتي گهرائي ۽ ٽيڪنالاجي جي انتظام تي ٻڌل هوندو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته حڪومت مستقل ۽ موثر پاليسين ذريعي معيشت کي مستحڪم ڪيو، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي مضبوط بڻايو. هن چيو ته دنيا تيزي سان اليڪٽريفڪيشن ۽ ڪلين انرجي طرف وڌي رهي آهي، چيني مدد سان پاڪستان بيٽري مينيوفيڪچرنگ ۽ انرجي اسٽوريج جو علائقائي حب بڻجي سگهي ٿو، پاڪستان ليٿيم آئن ۽ سوڊيم آئن بيٽري ٽيڪنالاجي ۾ فعال شراڪتدار بڻجڻ لاءِ تيار آهي. هن عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان سان گڏجي خوشحال مستقبل جي تعمير جي دعوت ڏني ۽ چيو ته جوائنٽ وينچرز، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ گڏيل مينيوفيڪچرنگ مستقبل جو رستو آهن، پاڪستان تعمير، جدت، مقابلي ۽ قيادت لاءِ تيار آهي، اسان جا دروازا کليل آهن، اسان جو رخ واضح آهي ۽ اسان جو عزم مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪستان جنگ جو نه پر خطي ۾ استحڪام ۽ امن جو مضبوط قلعو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي کي وڏي بحران کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.










