وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان اسڪردو-4 روندو سان تعلق رکندڙ وزير حسن جي ملاقات، پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جو اعلان

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) خيبر پختونخوا جو صدر انجنيئر امير مقام سان اسڪردو-4 روندو سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير، وزير حسن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔ هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزير حسن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي رڪارڊ ترقياتي ايجنڊا، عوامي فلاحي منصوبن ۽ …

اسلام آباد- 09 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) خيبر پختونخوا جو صدر انجنيئر امير مقام سان اسڪردو-4 روندو سان تعلق رکندڙ اڳوڻي وزير، وزير حسن ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اعلان ڪيو۔ هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزير حسن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي رڪارڊ ترقياتي ايجنڊا، عوامي فلاحي منصوبن ۽ خطي جي ترقي لاءِ عملي قدمن کي ڏسندي عوام کي گهرجي ته هو مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏين، ڇو ته اها ئي پارٽي گلگت بلتستان جي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن آهي. وفاقي وزير امير مقام، وزير حسن ۽ سندس ساٿين جو شڪريو ادا ڪندي هنن کي پارٽي ۾ ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته وزير حسن جي شموليت نه صرف تڪ روندو پر پوري گلگت بلتستان ۾ پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪندي ۽ ان جا هاڪاري اثر عوام تائين پهچندا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت، ترقي ۽ استحڪام جي سياست تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي ته عوام جو پارٽي تي اعتماد مسلسل وڌي رهيو آهي.