اسلام آباد - 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم پوليس ۽ سي ٽي ڊي طرفان وقت سر جوابي ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي سندن تعريف ڪندي چيو …
وزيراعظم پاران بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي ڍاڍر ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم پوليس ۽ سي ٽي ڊي طرفان وقت سر جوابي ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي سندن تعريف ڪندي چيو ته بلوچستان پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر سپوتن جوان مردي جو اعليٰ مثال قائم ڪيو. وزيراعظم دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد لاءِ مغفرت ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.











