پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن عالمي امن ۽ سلامتي جي حمايت ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن عالمي امن ۽ سلامتي جي حمايت ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم سمورن مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن ۾ تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن باقاعده اعليٰ سطح جا رابطا برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي روس جي دوري کي جلد کان جلد گڏيل طور مناسب تاريخ تي ٻيهر شيڊول ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير سرگئي لاروف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ٻنهي ڌرين رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں