اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ضلعي خيبر ۾ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي 21 اپريل 2026ع تي هڪ گڏيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هندستان جي اسپانسرڊ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 خوارجين کي ماريو ويو. بزدل دشمنن پکڙجڻ جي خوف ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ …
خيبر ضلعي ۾ گڏيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ۾ 22 خوارجي ماريا ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ضلعي خيبر ۾ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي 21 اپريل 2026ع تي هڪ گڏيل ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هندستان جي اسپانسرڊ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 22 خوارجين کي ماريو ويو. بزدل دشمنن پکڙجڻ جي خوف ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 سالن جو معصوم ٻار به شهيد ٿي ويو. مارجي ويل ڀارتي اسپانسرڊ خوارجين وٽان هٿيار، گولا باردو پڻ هٿ آيو جيڪو علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ استعمال ٿي پئي سگهيو. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان علائقي ۾ موجود ڪنهن ٻي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن ڪيو پيو وڃي ته جيئن ملڪ ۾ پرڏيهي دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سگهجي.











