اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ جي آڙ ۾ بنا جواز هڪ طرفي قدمن جي جواب ۾ پاڪستان جي فضائي حدن جي بندش سبب ڀارت کي وڏو نقصان پهتو آهي. پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي اڏامن کي وڌيڪ وقت گهربل آهي ۽ روزاني جي خرچن ۾ لکين ڊالر اضافو ٿي رهيو آهي. ڀارت کان آمريڪا ۽ يورپ ويندڙ اڏامن کي ڊگها ۽ مهانگا روٽ استعمال …
پهلگام فالس فليگ، پاڪستاني فضائي حدن جي بندش ڀارت لاءِ وڏو معاشي نقصان ثابت

مزید خبریں
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ جي آڙ ۾ بنا جواز هڪ طرفي قدمن جي جواب ۾ پاڪستان جي فضائي حدن جي بندش سبب ڀارت کي وڏو نقصان پهتو آهي. پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي اڏامن کي وڌيڪ وقت گهربل آهي ۽ روزاني جي خرچن ۾ لکين ڊالر اضافو ٿي رهيو آهي. ڀارت کان آمريڪا ۽ يورپ ويندڙ اڏامن کي ڊگها ۽ مهانگا روٽ استعمال ڪرڻا پئجي رهيا آهن، پاڪستاني حدن جي بندش سبب ڊگهي روٽ جي ڀارتي اڏامن کي رستي ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ مان ري فيولنگ به ڪرڻي پوندي آهي، پاڪستاني فضائي حدن جي بندش سبب ڀارتي ايئر لائنز کي سالياني 800 ملين ڊالر جو نقصان کڻڻو پئجي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف پنهنجي غير منطقي قدمن جو نتيجو معاشي نقصانن جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي. پاڪستان جي فضائي حدن جي بندش ۾ وڌيڪ واڌ سان ڀارتي ايئر لائنز کي ڪيترن ئي ملڪن جا روٽ ختم ڪرڻا پوندا.











