پهلگام فالس فليگ دوران ايٽمي تڪرار جي ڪوششن ڀارتي ميڊيا جو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا چڙ ڏياريندڙ بيانيي ۽ هٿ ٺوڪي پروپيگنڊا جي انتها ڪري ڇڏي. مودي جي مرضي تي ڀارتي ميڊيا پهلگام فالس فليگ جي فوري بعد ڪنهن به ثبوت کانسواءِ پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا تي مودي جي ڪٺ پتلين پاڪستان خلاف جنگ جي شروعات ڪرڻ ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻائڻ جو ڳوڙ مچايو. ڀارتي …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي ميڊيا چڙ ڏياريندڙ بيانيي ۽ هٿ ٺوڪي پروپيگنڊا جي انتها ڪري ڇڏي. مودي جي مرضي تي ڀارتي ميڊيا پهلگام فالس فليگ جي فوري بعد ڪنهن به ثبوت کانسواءِ پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا تي مودي جي ڪٺ پتلين پاڪستان خلاف جنگ جي شروعات ڪرڻ ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻائڻ جو ڳوڙ مچايو. ڀارتي ميڊيا مودي جي هندو پرست پاليسي کي اختيار ڪندي مسلمانن خلاف نفرت انگيز مواد پکيڙيو ۽ ان دوران مودي جي معمول جي گڏجاڻين کي به ڀارتي ميڊيا تي سنسني جنگي قدمن طور پيش ڪيو ويو. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته حقيقتن کي نظر انداز ڪري ڀارتي ميڊيا مسلسل پهلگام فالس فليگ جي آڙ ۾ ايٽمي طاقتن جي ٽڪراءُ جون ڀرپور ڪوششون ڪندي رهي. عالمي ماهرن جو چوڻ ته ڀارتي ميڊيا تي ويٺل ڀارت جا اڳواڻا نااهل فوجي تجزيو ڪندڙ به جنگ کي هٿي ڏيڻ ۾ اڳتي رهيا. ڀارتي ميڊيا جو مودي کان ناقص سيڪيورٽي ۽ پاليسي ناڪامي بابت سوال نه ڪرڻ فالس فليگ جو واضح ثبوت آهي.

مزید خبریں