پهلگام فالس فليگ کانپوءِ سک برادري ۽ سک فار جسٽس پاران پاڪستان سان پختي يڪجهتي جو ورجاءُ

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارت اڪيلائي جو شڪار ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي. پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڀارت اندر ۽ ٻاهر شديد تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون پهلگام فالس فليگ کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته پاڪستان جو نالو ئي پاڪ …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارت اڪيلائي جو شڪار ٿيو جڏهن ته پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي پذيرائي ملي. پهلگام فالس فليگ کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڀارت اندر ۽ ٻاهر شديد تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. خالصتان تحريڪ جي اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون پهلگام فالس فليگ کانپوءِ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته پاڪستان جو نالو ئي پاڪ آهي، 2 ڪروڙ سک پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. رد نه ڪرڻ جوڳن شاهدين مان واضح آهي ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ سڄي دنيا ۾ سک اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث آهي. آمريڪا ۾ به سک اڳواڻ گريپتونت سنگهه پنون جي قتل جي سازش تي ڀارت کي تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو. عالمي ماهرن مطابق پهلگام فالس فليگ کانپوءِ پاڪستان جي سفارتي وقار ۽ حمايت ۾ اضافو جڏهن ته ڀارت عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿيو آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ اندروني ۽ ٻاهر جا اختلافي آواز ان ڳالهه جو اظهار آهن ته پهلگام مودي جو رڳو هل فالس فليگ ڊرامو هو، سک برادري جا پاڪستان لاءِ محبت جا پيغام ظاهر ڪن ٿا ته ڀارت هندو پرست نظرين جي اثر هيٺ نيٽ ريجنل ڊي اسٽيبلائزيشن بڻجي چڪو آهي.

مزید خبریں