اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ڪالهه منعقد ٿيو. نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته عالمي دٻاءُ باوجود ملڪ ۾ فرٽيلائيزر جون قيمتون مستحڪم رهڻ سٺو قدم آهي، حڪومتي قدمن سبب مهانگائي ۾ لاڳيتو استحڪام اچي رهيو آهي، هن چيو ته ٽرانسپورٽ ڀاڙن …
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ڪالهه منعقد ٿيو. نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته عالمي دٻاءُ باوجود ملڪ ۾ فرٽيلائيزر جون قيمتون مستحڪم رهڻ سٺو قدم آهي، حڪومتي قدمن سبب مهانگائي ۾ لاڳيتو استحڪام اچي رهيو آهي، هن چيو ته ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ نه ٿي، ڪڪڙ جي گوشت جون قيمتون نار جنگ کان پهرين صورتحال تي اچي ويون، احسن اقبال چيو ته پوليٽري سيڪٽر ۾ قيمتن جي استحڪام لاءِ ڪولڊ چين انفرا اسٽرڪچر جوقيام اڻٽر آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪولڊ چين بابت تجويزون پنجن ڏينهن ۾ تيار ڪيو وڃن، هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن ۾ غير معياري گيهه ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي وافر مقدار تي ضابطو آڻڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سڀني صوبائي ۽ وفاقي ادارن کي چوڪس رهڻ گهرجي، کاڌي پيتي جي شين جو وافر ذخيرو يقيني بڻايو وڃي، وفاقي وزير هفتيوار قيمتن جي مانيٽرنگ تي شماريات کاتي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي.











