سرڪاري آفيسر فيصلاسازي ۾ شاهدين تي ٻڌل طريقيڪار اختيار ڪن: مصدق ملڪ

لاهور-24 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريو آهي ته هو فيصلا سازي ۾ شاهدين تي ٻڌل طريقيڪار کي اختيار ڪن ۽ عوامي ڀلائي کي پنهنجي ترجيحن جو محور بڻائين ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ انهن جو ڪردار نهايت آهي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ذيلي اداري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج …

لاهور-24 اپريل (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريو آهي ته هو فيصلا سازي ۾ شاهدين تي ٻڌل طريقيڪار کي اختيار ڪن ۽ عوامي ڀلائي کي پنهنجي ترجيحن جو محور بڻائين ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ انهن جو ڪردار نهايت آهي. هو نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي ذيلي اداري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج ۾ 124 هين نيشنل مينيجمينٽ ڪورس جي گريجوئيشن تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سول سروس ملڪ جو هڪ انتهائي باصلاحيت ۽ مقابلي جي عمل مان گذري ايندڙ ادارو آهي جنهن ۾ مختلف تجربا ۽ صلاحيتون رکندڙ آفيسر شامل آهن. هن چيو ته تربيت حاصل ڪري نڪرندڙ آفيسرن وٽ هاڻ اهڙا فيصلا ڪرڻ جو موقعو آهي جيڪي حڪمراني جي نظام ۽ عوامي ڀلائي ۾ نمايان بهتري آڻي سگهن ٿا. هن قدرتي آفتن دوران پاڪستان جي مزاحمت ۽ سول سروس جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته مشڪل حالتن ۾ آفيسرن، امدادي ۽ ريسڪيو سرگرمين ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون، هنن محدود وسيلن باوجود جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي به ساراهه جوڳو قرار ڏنو، جڏهن ته وفاقي وزير انساني ترقي جي شعبي ۾ موجود ڪمزورين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جن ۾ تعليم جي گهٽ شرح، صاف پاڻي جي عدم دستيابي ۽ صحت جو ڪمزور ڍانچو شامل آهن، هن انهن مسئلن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي فوري قدمن تي زور ڀريو، هن انتظامي نظام ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪندي چيو ته طريقيڪار تي حد کان وڌيڪ ڌيان اهم منصوبن ۾ دير جو سبب بڻجي ٿو. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو طريقيڪار بدران نتيجن کي ترجيح ڏين ۽ راءِ بدران شاهدين جي بنياد تي فيصلا ڪن، هن جديد تيڪنالاجي جي اهميت تي زور ڀريو ۽ آَفيسرن کي مصنوعي ذهانت سميت جديد اوزرن سان پاڻ کي تيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي ته جيئن حڪمراني ۽ پاليسي سازي جي عمل کي موثر بڻائي سگهجي.

مزید خبریں