پائيدار امن صرف مؤثر سفارتڪاري، گڏيل اعتماد ۽ لاڀائتين ڳالهين ذريعي ممڪن آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر سردار اياز صادق گهڻ رُخي ۽ امن لاءِ سفارتڪاريءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن عالمي برادريءَ کي ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته پائيدار امن صرف مؤثر سفارتڪاري، گڏيل اعتماد ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ذريعي ممڪن آهي. موجوده عالمي ۽ علائقائي حالتون ان ڳالهه جا طلبگار آهن ته دنيا گڏيل …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسيپڪر سردار اياز صادق گهڻ رُخي ۽ امن لاءِ سفارتڪاريءَ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هي ڏينهن عالمي برادريءَ کي ان حقيقت جي ياد ڏياري ٿو ته پائيدار امن صرف مؤثر سفارتڪاري، گڏيل اعتماد ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين ذريعي ممڪن آهي. موجوده عالمي ۽ علائقائي حالتون ان ڳالهه جا طلبگار آهن ته دنيا گڏيل تڪرار ۽ محاذ آرائيءَ بدران ڳالهين، برداشت ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ کي هٿي ڏي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر چيو ته پاڪستان هميشه عالمي سطح تي پُرامن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ کي پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ جو بنيادي ٿنڀ بڻايو آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي فورمز تي تڪرارن جي پُرامن حل، مفاهمت ۽ گهڻ رُخي سهڪار کي ترجيح ڏيندي هڪ ذميدار رياست جو ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته بدليل عالمي صورتحال جي روشنيءَ ۾ ماحولياتي تبديلي، اقتصادي عدم استحڪام، علائقائي تڪرار ۽ سلامتيءَ جي پيچيده چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ فعال گهڻ رُخي نظام اڻٽر بڻجي چڪو آهي. اسپيڪر چيو ته وچ اوڀر ۾ تازي ڇڪتاڻ جي روشنيءَ ۾ پاڪستان هڪ ذميدار رياست طور تي وقت سر ۽ اثرائتي سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدبراڻي قيادت ۽ مربوط حڪمت عملي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ڌُرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۾ هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي متوازن ۽ اثرائتي سفارتي ڪوششن سبب خطو هڪ وڏي امڪاني ٽڪراءُ کان محفوظ رهيو ۽ عالمي سطح تي هڪ سنگين بحران جي امڪانن ۾ گهٽتائي آئي. اسپيڪر گڏيل اختلافن جي حل لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته طاقت جو استعمال مسئلن جو حل ناهي پر وڌيڪ ڏُکيائين کي جنم ڏئي ٿو، جڏهن ته بامقصد ڳالهيون عالمي قانونن جو احترام ئي پائيدار امن جي ضمانت آهن. هن ان عزم کي ورجاءُ ته پاڪستان هڪ ذميدار رياست طور تي عالمي برادريءَ سان گڏجي امن، ترقي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو مثبت ۽ فعال ڪردار جاري رکندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان گهڻ رُخي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، عالمي سطح تي هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ تڪرارن جي پُرامن حل لاءِ پنهنجون سفارتي ڪوششون جاري رکندو. اسيپڪر وڌيڪ چيو ته ڪشمير مسئلو ۽ فلسطين جو پُرامن حل خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب پُراڻن تڪرارن جو منصفاڻو ۽ پُرامن حل وقت جي اهم ضرورت آهي. عالمي برادريءَ کي انساني حقن ۽ انصاف جي اصولن جي بنياد تي انهن مسئلن جي فوري ۽ مؤثر حل لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ سفارتڪاري، ڳالهيون ۽ گڏيل احترام ئي عالمي استحڪام جو بنياد آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي امن جي قيام، عالمي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، برداشت ۽ هم آهنگيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته عالمي برادريءَ کي گهرجي ته تڪرارن جي حل لاءِ طاقت بدران ڳالهين، انصاف ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن کي ترجيح ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه امن، رواداري ۽ تعميري سفارتڪاريءَ جو داعي رهيو آهي ۽ مستبقل ۾ به عالمي امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو فعال ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں