اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر علائقائي امن کي اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ان عمل جي لاءِ ڪئناڊا پاران حمايت جو اظهار …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي مُلاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر علائقائي امن کي اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان رابطي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ان عمل جي لاءِ ڪئناڊا پاران حمايت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم خطي ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن لاڳيتو اعلى سطحي رابطن کي ساراهيندي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











