پشاور-23 اپريل (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پاڪستان امن، ڳالهين ۽ استحڪام جو هڪ مضبوط آواز بڻجي اُڀري رهيو آهي، پاڪستان هميشه هڪ ذميدار، متوازن ۽ امن پسند رياست طور پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، قومون نوجوانن جي محنت، ويزن ۽ ڪردار سان بڻجن ٿيون. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ سائنسز پشاور ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ …
پاڪستان امن، ڳالهين ۽ استحڪام جو هڪ مضبوط آواز بڻجي اُڀري رهيو آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
پشاور-23 اپريل (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته پاڪستان امن، ڳالهين ۽ استحڪام جو هڪ مضبوط آواز بڻجي اُڀري رهيو آهي، پاڪستان هميشه هڪ ذميدار، متوازن ۽ امن پسند رياست طور پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، قومون نوجوانن جي محنت، ويزن ۽ ڪردار سان بڻجن ٿيون. اهڙو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ سائنسز پشاور ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ سائنسز پشاور ۾ اوهان جي وچ ۾ موجود هجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. انسٽيٽيوٽ آف مئنجمينٽ سائنسز پشاور اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ هڪ نمايان ۽ قابل فخر ادارو آهي، جيڪو معياري تعليم، تحقيق ۽ پيشيوراڻي تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب صرف هڪ رسمي تقريب نه پر نوجوان نسل کي بااختيار بڻائڻ، کين جديد ٽيڪنالاجيءَ سان جوڙڻ ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جو بنياد رکڻ جي هڪ عملي ڪوشش آهي. مان سڀ کان پهرين پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي بصيرت افروز ۽ قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. سندس ويزن هڪ اهڙو پاڪستان آهي جيڪو علم، تحقيق، ڊجيٽل ترقي ۽ معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن هجي. اڄ هي ليپ ٽاپ پروگرام ان ويزن جو تسلسل آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي جديد دؤر جي گهرجن موجب تيار ڪرڻ آهي. هن چيو ته مان وفاقي حڪومت جي سنجيده ۽ مسلسل ڪوششن کي به ساراهيان ٿو جيڪو مشڪل حالتن باوجود ملڪ کي استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهي. نوجوانن جي تعلي، هنرمندي ۽ روزگار لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن اهي هڪ روشن مستقبل جو پيغام آهن.











