وچ ايشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ نئين راهداري سان واپار کي وڌيڪ مضبوط، تيز رفتار ۽ جدت بنائڻ ۾ مدد ملندي: خرم شهزاد

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته  وچ ايشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ نئين راهداري سان واپار کي وڌيڪ مضبوط، تيز رفتار ۽ جدت بنائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان نه صرف واپاري لاڳت گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي پر خطي ۾ اقتصادي سهڪار ۽ رابطا ڪاريءَ جا نوان دروازا به کُلندا. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن ٻُڌايو …

اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته  وچ ايشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ نئين راهداري سان واپار کي وڌيڪ مضبوط، تيز رفتار ۽ جدت بنائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان نه صرف واپاري لاڳت گهٽ ٿيڻ جي اميد آهي پر خطي ۾ اقتصادي سهڪار ۽ رابطا ڪاريءَ جا نوان دروازا به کُلندا. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن ٻُڌايو ته پاڪستان علائقائي واپار جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگِ ميل پار ڪري ورتو ۽ ڪرغزستان مان ايندڙ پهريون مال برادر ٽرڪ گلگت بلتستان جي سرحدي مقام سوست پهچي ويو، ان اڳڀرائيءَ سان هڪ نئين واپاري راهداري قائم ٿي آهي جيڪا افغانستان کي باءِ پاس ڪندي وچ ايشيا ۽ پاڪستان وچ ۾ سڌيءَ ريت واپاري رابطا فراهم ڪندي. هن چيو ته هي تاريخي اڳڀرائي ان لحاظ کان منفرد به آهي ته آزاد رياستن جي دولتِ مشترڪه جي ڪنهن به ملڪ پهريون ڀيرو پنهنجي ئي ٽرانسپورٽ ذريعي پاڪستان تائين سڌيءَ ريت رسائي حاصل ڪئي آهي، اهي قدم روايتي واپاري رستن تي گهٽ ڀاڙڻ ۽ متبادل راهدارين کي فعال ڪرڻ طرف هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. خرم شهزاد چيو ته منصوبي جي قيادت پاڪستان جي ناليواري روانگي واپار واري اداري هيمان گروپ ڪئي جنهن سان نجي شعبي طرفان سرحد پار واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ جدت آڻڻ جي صلاحيتن جو اندازو ٿيو آهي، اهڙي طرح جا قدم نه صرف روانگي واپار کي هٿي ڏيندا پر علائقائي معيشتن کي به هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ان سنگِ ميل کي ممڪن بڻائڻ ۾ پاڪستان ۾ ڪرغزستان جي سفارتخاني اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته آپريشنل سطح تي نيشنل لاجسٽڪس سيل جي حصيدار اداري تعاون فراهم ڪيو، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏيل سهڪار سان ان منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ان راهداريءَ کي مستقل بنيادن تي فعال رکڻ سان پاڪستان لاءِ وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ٿي ويندي ۽ علائقائي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو.

مزید خبریں