اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي)دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي جڏهن ته چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين 9 ميهنن ۾ دالين جي آمدني واپار تي 589.08 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 20.25 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي …
دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي، چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي)دالين جي آمدني واپار ۾ جاري مالي سال دوران گهٽتائي جڏهن ته چانهه جي آمدني واپار ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين 9 ميهنن ۾ دالين جي آمدني واپار تي 589.08 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 20.25 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ دالين جي آمدني واپار تي 708.41 ملين ڊالرن جو خرچ ٿيو. مارچ ۾ دالين جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 51.94 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري ۾ 83.82 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال مارچ ۾ 92.70 ملين ڊالرز هو. مالي سال 2025 ۾ دالين جي گڏيل آمدني واپار تي 891.98 ملين ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 470.60 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ 5.01 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 448.14 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو. مارچ ۾ چانهه جي آمدني واپار تي 43.56 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو فيبروري ۾ 51.44 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال مارچ ۾ 54.23 ملين ڊالرز هو. مالي سال 2025 ۾ چانهه جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 600.64 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو.











