اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ لڳل اڳواٽ موسمياتي وارننگ سسٽم جي مڪمل طور تي فعال نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چوماسي جي اڳواٽ تياري ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي خطرن کان بچاءُ جي قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري …
وزيراعظم پاران گلگت بلتستان ۾ لڳل اڳواٽ موسمياتي وارننگ سسٽم جي مڪمل طور تي فعال نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، انڪوائري جو حڪم

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ لڳل اڳواٽ موسمياتي وارننگ سسٽم جي مڪمل طور تي فعال نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چوماسي جي اڳواٽ تياري ۽ موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي خطرن کان بچاءُ جي قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير احسن اقبال، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اين ڊي ايم اي چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم غيرمعمولي موسمياتي تبديلين خاص طور تي گلوف ( گليشيئر ڍنڍ ڦاٽڻ سبب ايندڙ طوفان) کان بچاءُ جي لاءِ گلگت بلتستان ۾ هنيل اڳواٽ وارننگ سسٽم جي مڪمل طور تي فعال نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گذريل سال واضح هدايتن جي باوجود سسٽم جي غيرفعاليت ۽ لاڳاپيل ادارن جي غيرموثر ڪارڪردگي تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته لاڳاپيل ادارن جي نااهلي ۽ ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي ڪنهن به طور تي برداشت نه ڪئي ويندي. عوام جي سهولت، خدمت ۽ خطرن کان بچاءُ جي لاءِ قدم کڻڻ سمورن ادارن جو فرض آهي جنهن جي جوابدهي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي نقصانڪار اثرن کان متاثر ملڪن ۾ سرفهرست آهي جنهن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل وفاقي ادارا صوبن سان مڪمل تعاون ۽ هم آهنگي سان پاليسي جي لاڳو ۾ درپيش سمورين رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪن. هن چيو ته گذريل سال چوماسي جي مُند ۾ درياهن جي گذرگاهن ۽ ٻوڏ جي امڪاني رستن ۾ قبضا تباهي جو سبب بڻيا. هن سال ان جي حل لاءِ اڳواٽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي. هن هدايت ڪئي ته چوماسي جي دوران امڪاني ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ سمورا ادارا صلاحيت کي وڌائيندي عوام جي سهولت لاءِ وسيلن کان وڌيڪ ڪم ڪن. اڳواٽ وارننگ سسٽم جي ڊيجيٽل مانيٽرنگ جي لاءِ سموري ضروري انفراسٽرڪچر جي فراهمي ۽ فعاليت کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزارت ۽ ٻيا سمورا ادارا صوبن سان گڏيل تعاون سان گڏجي موثر قدم کڻن.











