واپاري لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل، ٽرانزٽ معاهدي تحت اين ايل سي جي حصيدار ڪمپني جي پهرين واپاري کيپ ڪرغزستان مان چين ذريعي پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) واپاري لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل پار ڪندي پاڪستان علائقائي واپار لاءِ هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو آهي، نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ علائقائي واپاري رابطن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن. ٽرانزٽ معاهدي تحت اين ايل سي جي حصيدار ڪمپني جي پهرين واپاري کيپ ڪرغزستان مان چين ذريعي پاڪستان پهچي وئي. تفصيل مطابق اين ايل سي جي ڪوششن سان خطي …

اسلام آباد-23 اپريل(اي پي پي) واپاري لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل پار ڪندي پاڪستان علائقائي واپار لاءِ هڪ اهم مرڪز بڻجي ويو آهي، نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن جي اثرائتي حڪمت عملي ۽ علائقائي واپاري رابطن جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن. ٽرانزٽ معاهدي تحت اين ايل سي جي حصيدار ڪمپني جي پهرين واپاري کيپ ڪرغزستان مان چين ذريعي پاڪستان پهچي وئي. تفصيل مطابق اين ايل سي جي ڪوششن سان خطي جي ڪيترن ئي ملڪن خنجراب پاس ۽ سوست پورٽ کي هڪ قابل اعتماد واپاري راهداري طور اختيار ڪيو آهي. نئين روٽ تحت ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، قازقستان ۽ ازبڪستان کي ڪراچي بندرگاهه تائين سڌيءَ ريت پهچ هوندي. خشڪي ۾ وڪوڙيل وچ ايشيائي ملڪن لاءِ پاڪستان تيز، محفوظ ۽ قابل اعتماد واپاري رستي جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي. 2024ع کان اين ايل سي ڪراچي کان ڪرغزستان جي مختلف شهرن تائين جديد ٽي آءِ آر نظام تحت ڪامياب فراهمي ڪري رهيو آهي. ماهرن مطابق اهڙي تاريخي منصوبي تحت پهريون ڀيرو محفوظ ۽ جديد انداز ۾ واپاري رابطي سبب افغانستان مڪمل طور نظر انداز ٿي چڪو آهي. سوست ڊرائي پورٽ به سال کان فعال رهڻ سبب چين ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار ۾ تسلسل ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي رهيو آهي.

مزید خبریں