وزيراعظم پاران توانائي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم اڻٽر قرار، مستقبل ۾ سرڪاري استعمال لاءِ صرف اليڪٽرڪ بسون ۽ موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي اڻٽر قرار ڏيندي مستقبل ۾ سرڪاري استعمال لاءِ صرف اليڪٽرڪ بسون ۽ موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ، شمسي توانائي مان پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بيٽرين جو حصول آسان بڻائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙڻ ۽ مقامي طور تي اعليٰ معيار جُون اسٽوريج بيٽريون تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي …

اسلام آباد -23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن کي اڻٽر قرار ڏيندي مستقبل ۾ سرڪاري استعمال لاءِ صرف اليڪٽرڪ بسون ۽ موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ، شمسي توانائي مان پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بيٽرين جو حصول آسان بڻائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙڻ ۽ مقامي طور تي اعليٰ معيار جُون اسٽوريج بيٽريون تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ خميس ڏينهن توانائي سيڪيورٽي بابت هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، سردار اويس لغاري، عطا الله تارڙ، علي پرويز ملڪ، احسن اقبال، نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص مددگار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس کي خطاب ڪندي، وزيراعظم چيو ته توانائي سيڪيورٽي هاڻي ملڪ جي مجموعي مستقبل جي منصوبابندي جو هڪ تمام اهم حصو بڻجي چڪي آهي. موجوده علائقائي صورتحال ۾ توانائي جي بچت ۽ ان حوالي سان بروقت کنيل قدمن سان توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو. هن چيو ته مستقبل جي توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي، ملڪ ۾ ڪچي تيل جا اسٽريٽجڪ ذخيرا رکڻ جي حوالي سان منصوبي تي ڪم جاري آهي. وزيراعظم توانائي جي بچت ۽ پائيدار ترقي لاءِ اچ وڃ جي ذريعن کي آهستي آهستي ماحول دوست برقي ذريعن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مستقبل ۾ سرڪاري استعمال لاءِ صرف بجلي تي هلندڙ بسون ۽ موٽرسائيڪلون خريد ڪيون وڃن ۽ بجلي وارين گاڏين لاءِ چارجنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تيزي سان قدم کنيا وڃن. هن شمسي توانائي مان پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بيٽرين جي حصول کي آسان بڻائڻ جي لاءِ لائحه عمل جوڙڻ ۽ مقامي طور تي اعليٰ معيار جُون اسٽوريج بيٽريون تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي به هدايت ڪئي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته علائقائي صورتحال جي ڏس ۾، توانائي جي شعبي جي حوالي سان جوڙيل قومي ڪوآرڊينيشن ۽ مئنيجمينٽ ڪائونسل روزاني جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي. ملڪ ۾ هن وقت پيٽروليم جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم آهي، تيل ۽ گئس ڪمپنين جي مسلسل ڪوششن سان گئس ۽ تيل جي مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. بريفنگ موجب، گرڊ سطح تي بيٽري اسٽوريج لاءِ 2 تجرباتي منصوبن جي پي سي ون تيار ڪئي پئي وڃي ۽ شمسي توانائي پيدا ڪندڙ گهريلو صارفين کي بيٽري اسٽوريج لڳائڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں