ڪتاب صدين کان علم ۽ ڏاهپ ۽ رهنمائي جو لازوال ذريعو رهيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف جو ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام

اسلام آباد - 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي فڪري ارتقاءَ ۾ استادن ۽ اديبن جي تعميري ڪردار ۽ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪتاب صدين کان علم ۽ ڏاهپ ۽ رهنمائي جو لازوال ذريعو رهيا آهن ۽ مطالعي جي عادت شهرين جي فڪري واڌويجهه، تخليقي صلاحيت ۽ باخبر بڻجڻ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم …

اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي فڪري ارتقاءَ ۾ استادن ۽ اديبن جي تعميري ڪردار ۽ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ڪتاب صدين کان علم ۽ ڏاهپ ۽ رهنمائي جو لازوال ذريعو رهيا آهن ۽ مطالعي جي عادت شهرين جي فڪري واڌويجهه، تخليقي صلاحيت ۽ باخبر بڻجڻ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي قارئين، ليکڪن، اديبن، استادن ۽ شاگردن کي انهن جي ڪتابن سان لڳاءُ ۽ مطالعي سان رغبت تي دلي مبارڪباد خاص طور تي پاڪستان جي اديبن ۽ استادن جي قومي فڪري ارتقاءَ ۾ تعميري ڪردار ۽ انهن جي بيشمار خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪتاب صدين کان علم ۽ ڏاهپ ۽ رهنمائي جو هڪ لازوال ذريعو رهيا آهن، ڪتابن جي دائمي اهميت ۽ مطالعي جي انقلابي قوت جو ادراڪ يقيني طور تي باشعور ذهن جو عڪاس آهي. ڪتاب نئين سوچ، مختلف موقف ۽ ثقافتن کان متعارف ڪرائين ٿا ۽ ذهني افق ۽ فهم کي سگهه ڏين ٿا. هن چيو ته ڪتاب باشعور ذهن جي جوڙجڪ، تنقيدي سوچ جي فروغ سان گڏوگڏ همدرديءَ، امن ۽ برداشت جهڙن اوصاف جي ترويج جو پڻ ذريعو آهن، اهي ئي مثبت اوصاف هڪ پرامن ۽ ترقي يافته معاشري جي بنياد کي مضبوط ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل ترقي جي دور ۾ ڊيجيٽل ذريعن سان معلومات تائين پهچ ۾ آساني سان ڪتاب ۽ مطالعي جي اهميت اڃا به وڌيڪ اجاگر ٿي وئي آهي. مطالعي جي عادت فڪري واڌويجهه، تخليقي صلاحيت ۽ باخبري شهري بڻجڻ جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان جي شاندار ادبي روايتن، علمي ورثي ۽ علم ۽ دانش، قومي ترقي جا بنيادي ٿنڀ آهن. ڪلاسيڪي علم کان وٺي جديد ادب تائين، اسان جي اديبن ۽ دانشورن اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن جيڪي اڄ به نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهن. وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل ۾ مطالعي جي رجحان کي فروغ ڏيڻ ۽ معياري ڪتابن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن انهن جي بطور باشعور ۽ ذميوار شهري جي تربيت ڪري سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم واري وزارت ۽ نيشنل بُڪ فائونڊيشن مطالعي جي فروغ، ليکڪن جي معاونت ۽ معياري ۽ سستي ڪتابن جي فراهمي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. هن نوجوانن، استادن، والدين ۽ تعيلمي ادارن کي خصوصي اپيل ڪئي ته اهي گڏيل سطح تي معاشري ۾ مطالعي جي عادت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اچو ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ته اسان خواندگي جي فروغ، علم تائين پهچ ۾ آساني ۽ لکڻ ۽ ڪتاب جي قدر کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين ته جيئن علم تي ٻڌل، باشعور ۽ روشن خيال پاڪستان جي تعمير ۾ پنهنجو فرض ادا ڪري سگهون.