نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪولوبايوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪولوبايوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو. خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جين …

اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪولوبايوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو. خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪولوبايوف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي فروغ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.