اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صدق پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي ڪوڙي ۽ وحشياڻي ڪردار جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پهلگام واقعو ڀارت جو هڪ فالس فليگ آپريشن هو، پنهنجين ناڪامين تي پاڪستان مٿان الزام مڙهڻ ڀارت جو دستور رهيو آهي. هن پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙا فالس …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي ڪوڙي ۽ وحشياڻي ڪردار جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صدق پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي ڪوڙي ۽ وحشياڻي ڪردار جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پهلگام واقعو ڀارت جو هڪ فالس فليگ آپريشن هو، پنهنجين ناڪامين تي پاڪستان مٿان الزام مڙهڻ ڀارت جو دستور رهيو آهي. هن پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙا فالس آپريشنز ان ڪِريل ذهنيت جي ياد ڏيارين ٿا جيڪي مڪروهه مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف هٿين خالي شهرين جي جانين سان کيڏن ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهن. هن ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪن واقعن کي بنياد بڻائي ڀارت ڇهن ڏهاڪن کان قائم سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل ڪري عالمي قانونن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو. اهي ڪِريل قدم نه صرف پاڪستان جي پاڻي تي اڳرائي مڙهڻ جا ناپاڪ قدم آهن پر پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي ان جا سنگين خطرا درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان ان معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت کي غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي. پاڪستان اڄ به پهلگام واقعي جي غير جانبداراڻي جاچ تي پنهنجي مؤقف تي قائم آهي. وڏي سيڪيورٽي جي موجودگيءَ ۾ پهلگام واقعو هئڻ ڀارت لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي. پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. مئي 2025ع ۾ پاڪستاني فوج دشمن جي اڳرائيءَ جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو. اسپيڪر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.











