پهلگام واقعو ۽ سندور آپريشن مذمت جوڳا، ڀارتي چِڙ ڏيارڻ باوجود پاڪستان تحمل جو مظاهرو ڪيو: سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي ڀارت جي غير ذميداراڻي طرزِ عمل، ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ وارين پاليسين ۽ حقيقتن کي مِٽائي خطي ۾ عدم استحڪام جي ذميداري منتقل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو …

اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي ڀارت جي غير ذميداراڻي طرزِ عمل، ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ وارين پاليسين ۽ حقيقتن کي مِٽائي خطي ۾ عدم استحڪام جي ذميداري منتقل ڪرڻ جي مسلسل ڪوششن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چڙ ڏياريندڙ بيانن باوجود پاڪستان انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ مڪمل طور تي تيار رهيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جو ردِعمل پاڪستان- ڀارت ڇڪتاڻ دوران متوازن، ذميداراڻي ۽ عالمي قانونن جي عين مطابق هو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن ۽ عزم کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سندن تياري ۽ دفاعي صلاحيت قومي خودمختياري جو ڀرپور تحفظ ڪيو ۽ نازڪ صورتحال ۾ دشمن جي اِرادن کي ناڪام بڻايو. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان واقعي جي فوري بعد غير جانبدار ۽ شفاف جاچ جي آڇ ڪئي هئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صرف اعتماد جوڳي ۽ شاهدن تي ٻَڌل جاچ ئي حقيقتن تي ٻَڌل جاچ ئي حقيقتن کي سامهون آڻي سگهي ها ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ کي روڪي سگهي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ذميدار رياستون هڪ طرفن فيصلن يا افسوسناڪ واقعن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نٿيون ڪن. هن ڀارت جي هڪ طرفي ۽ مهم جوئيءَ تي ٻَڌل قدمن خاص ڪري سندور آپريشن جي سخت مذمت ڪندي ان کي غير ذميداراڻو ۽ خطي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته اهڙيءَ طرح جا قدم علائقائي توازن ۽ امن کي نقصان پهچائين ٿا. هن پاڪستان خلاف سرگرم ڌُرين جي مسلسل سرپرستي ۽ مداخلت تي به گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان کي خودمختياري ۽ عالمي اصولن جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن تي به خبردار ڪندي هن چيو ته اهڙا قدم خطرناڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏين ها ۽ خطي ۾ استحڪام ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا. پاڪستان جي مؤقف جو ورجاءُ ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان امن لاءِ پُرعزم آهي جڏهن ته ڪنهن به اڳرائي يا مهم جوڳي جو اثرائتو ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي ۽ خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ يا عالمي سطح تي حقيقتون مِٽائڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور مقابلو ڪندو.